اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريل گاڏي اچ وڃ جو وڏو ذريعو آهي پر هڪ سروي ۾ زندگي ۾ ڪڏهن به ٽرين جو سفر نه ڪندڙ پاڪستانين جو حيران ڪندڙ انگ سامهون آيو آهي.
گيلپ پاڪستان جي تازي سروي ۾ حيرت انگيز انگ اکر سامهون آيا، جنهن موجب 47 سيڪڙو پاڪستاني اهڙا آهن، جن هيل تائين زندگي ۾ هڪ ڀيرو به ٽرين جو سفر ناهي ڪيو.
سروي موجب پاڪستانين جي اڪثريت رڪشا، بس ۽ وين جو سفر ڪري ٿي، 80 سيڪڙو پاڪستاني رڪشا ۾ سفر ڪندا آهن، 79 سيڪڙو بسن ۽ وين ۾ سفر ڪرڻ جو ٻڌايو.
ان ئي سروي رپورٽ ۾ 18 سيڪڙو آبادي اهڙي آهي، جنهن اڄ تائين رڪشا جو سفر ناهي ڪيو، جڏهن ته 17 سيڪڙو بسن ۽ وين جو سفر ناهي ڪيو.
You might also like