ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ مسلسل وڌندڙ سون جي اگهه کي بريڪ لڳي وئي ۽ اڄ سون هزارين رپيا سستو ٿي ويو آهي.
4300 رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 2 لک 78 هزار 400 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته 10 گرام سون 3657 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 38 هزار 683 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون 43 ڊالر سستو ٿيڻ کانپوءِ 2672 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.
You might also like