پرٿ ٽيسٽ دوران تماشائيءَ جي وسيم اڪرم سان بدتميزي

پرٿ (ويب ڊيسڪ ) پرٿ ۾ تماشائيءَ طرفان اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان وسيم اڪرم سان بدتميزيءَ جو واقعو پيش آيو، آسٽريليا ۽ ڀارت جي پهرين ٽيسٽ جي موقعي تي مداح آٽو گراف بعد کيس هراسان ڪيو.
ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ دوران پاڪستان ڪرڪيٽ ليجنڊ وسيم اڪرم کي مداح طرفان هراسان ڪرڻ کانپوءِ سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا پيا وڃن.
مقامي انتظاميا موجب، شروعاتي طور واقعو غير نسل پرستي جي نوعيت جو محسوس ٿي رهيو آهي، جڏهن معاملي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.
ٻئي پاسي ڪرڪيٽ آسٽريليا اهڙي واقعن جي روڪٿام لاءِ حفاظتي انتظام وڌيڪ سخت ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي.
ڪامينٽيٽرز کي هاڻي اسٽيڊيم جي اندران گاڏين ذريعي پِڪ ڪرڻ جو آپشن ڏنو ويندو ته جيئن سندس حفاظت يقيني بڻائي سگهجي.
واضح رهي ته وسيم اڪرم بارڊر گواسڪر ٽرافي جي سلسلي ۾ پرڏيهي اسپورٽس چئنل جي ڪامينٽيٽر طور آسٽريليا ۾ موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.