ڪنٽينرن سان فوٽو شوٽ، گهوٽ ڪنوار جي ڪارنامي تي دلچسپ ردعمل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ ڪنٽينرن سان هڪ جوڙي جو شادي جو انوکو فوٽو شوٽ وائرل ٿي ويو.
خوله ۽ قاسم پنهنجي زندگي جي وڏي ڏينهن خوشي جي لمحن کي هڪ غير معمولي صورتحال باوجود منفرد انداز ۾ ملهائي سڀني جو ڌيان حاصل ڪري ورتو.
خوله ۽ قاسم جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن، جنهن سڀني کي خوشگوار حيرت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو.
جوڙي جي فوٽو گرافر دي ٽيلنٽ اسٽوڊيوز انسٽاگرام تي تصويرون شيئر ڪيون، جنهن ۾ خوله ۽ قاسم کي پوز ڏيندي ڏسي سگهجي ٿو.
سوشل ميڊيا واهپيدارن انهن تصويرن تي ردعمل جو اظهار ڪندي جوڙي لاءِ انهن لمحن کي يادگار قرار ڏنو.
هڪ سوشل ميڊيا واهپيدار چيو ڀلي ڪجهه به ٿئي ڪم نه رڪجڻ گهرجي، جڏهن ته ٻئي واهپيدار چيو پس منظر ۾ ڳوڙها آڻيندڙ گيس به شامل ٿي سگهي ٿي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.