”سنڌوءَ تي ڌاڙو نامنظور“سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سڄي سنڌ ۾ مظاهرا،ڌرڻا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر ( نمائندا) سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاهڻ واري منصوبي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرا، ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا ويا. حيدرآباد ۾ ايس ٽي پي ضلع صدر جان محمد جوڻيجو ،رستم لاشاري ،رياض لاکو جي اڳواڻي ۾ سوين مردن عورتن اولڊ ڪئمپس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب وٽ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. ٺٽو ۾ ايس ٽي پي ضلع صدر سيد جلال شاھ ،ناٿو بروهي، جميل سمون ۽ ٻين اڳواڻي ۾ ٽنڊو محمد خان ۾ ڊاڪٽر احمد نوناري ،اقبال حاجاڻو ،سارنگ شاھ ،گھوٽڪي ۾ خالد لاکو، علي گوھر پٺاڻ، ناھيد ملڪ، لالا ظھور پٺاڻ، سيف الله۔فرمان ڪلوڙ، وقار شيخ ۽ سرور شاھ فھيم ڪولاچي جي اڳواڻي ۾ نصيرآباد ۾ منصور علي سومرو، اشتياق احمد ابڙو، اظھار واهوچو، سڄڻ چانڊيو، شبير چنا، سرائي منير چنجڻي، سخاوت نوناري، خدابخش سانگهرو جيڪب آباد ۾  عبدالستار جاگيراڻي ، نظام مستوئي ، محمد بخش ٽنڊوالهيار۾ عبدالمالڪ دائوداڻي، مير محمد پتافي ٽنڊو باگو ۾غلام مصطفيٰ عرف ڪارو ھاليپوٽو،رجب عمراڻي، ڪيول ڪنگوڻو، آڪاش ھاليپوٽو، زين خاصخيلي، عالم سنڌي نوشهري فيروز ۾ڪامريڊ يونس سنڌي ,حبيب الله مشھوري، اسد چانڊيو،عاقب سنڌي ،ذاڪريه ڏھراج شاهنواز لاکو،ميرپور ماٿيلو ۾ زاھد ميراڻي ،علي نواز جلباڻي،مصطفي نائچ،عاجز گبول ،زاھد نائچ ،منظور نائچ جاتي ۾ اشرف ٿهيم، سليم ٿهيم ،ماتلي ۾ سلم مھندو، گل محمد شاھ، ذوالفقار علي شاهه، خالد مگسي، زميندار رئيس نواب خان مگسي ،شهدادڪوٽ ۾ ڪامريڊ حيات تنيو ، شبير مگسي، رشيد مگسي، زاھد مگسي، امداد سومرو، محمد علي منڱريو، شاھد مستوئي، فاروق چاوڙو، غلام علي مگسي، داد محمد کنڊدادو ۾ شهباز ملڪ، سيد زاھد شاھ ڄامشورو ۾ راجا خان جکراڻي، ساگر عالماڻي، مدثر عباسي، جاويد لغاري، شبير عالماڻي ،مير غفار ملڪ جي اڳواڻي ۾ مٺي ۾ گهنشام مالھي, شريف بجير، ڏيوجي ڀيل  جي اڳواڻي ۾ بدين ۾ بدين  ايس ٽي پي جي سڏ تي  سنڌو درياھ مان جبري 6 ڪئينال ڪڍڻ خلاف  ريلوي اسٽيشن کان  ايس ٽي پي ترقي پسند ناري تحريڪ  معصوم ٻارن  جو احتجاجي مارچ  پريس ڪلب ايوان صحافت اڳيان ڌرڻو جيڪو احتجاجي جلسي ۾ تبديل ٿي ويو. جنهن کي ايس ٽي پي جي ضلعي صدر شاھنوازسيال غلام قادرمراداڻي سومروخان دلواڻي سٽي صدر ياسرسيال  سلطان بوھڙ رسول بخش چانگ نوراحمدملاح سراج سيال فدامھراڻ پوٽو  ڪم ۽ حاڪم زادي سيال ناديا مڱريو سمينا سيال خطاب ڪيو. ميرپور خاص ۾ ڪريم ڪيريو مٽياري ۾ عبدالفتاح ڳاھوٽي، ارباب قربان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سجاول ۾ جمن سنڌي، ممتاز لغاري، گل حسن رند ميرپور بٺورو ۾ عبد الڪريم پليجو، عبدالغني ملاح چوهڙ جمالي ۾ عبدالواحد خاصخيلي، شريف ڪلمتي تلھار ۾ مظهر حسين ڪهيري، افتخار لغاري شوڪت عمراڻي،ميهڙ ۾عبدالحميد سومرو ،علي شير جوڻيجو ڪرم علي ڏيپر ،ڪي اين شاھ  ۾ سڪندر علي کوکر،نياز گاد، احمد منير عباسي، رئيس غلام مصطفيٰ مارفاڻي رئيس مختيار چانڊيو، ڪشمور ۾ رفيق احمد چنا، نياز احمد جکراڻي، غلام عباس دايو ،عمرڪوٽ ۾ ميھار بنگلاڻي، ذوالفقار دلواڻي، ڪامريڊ پمون مل، اسلم مھر، مير معشوق پلي ،ڏهرڪي ۾ آفتاب خان شر، ڄام معشوق سميجو، زبير چاچڙ، گلزار احمد شر، ڄام مجيب سميجو  ۽ ٻين ارسا ترميمي ايڪٽ کي  سنڌ دشمن منصوبو قرار ڏيندي ان کي رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ ان عزم کي ورجھايو ته سنڌو درياهه مٿان ڪنھن به ڊيم يا ڪينال کي ھر گز قبول نه ڪيو ويندو، ملير  ۾ خير محمد مگسي، پير بخش بهلڪاڻي، رجب مگسي، اختيار سومرو، اصغر سبزوئي، راڻو خان زهراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي،لاڙڪاڻي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان مرڪزي سڏ تي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي قائد عوام پريس ڪلب اڳيان پهتي جتي هنن هٿن ۾ تنظيمي جهنڊا ۽ بئنر کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن احمد نواز بروهي، طارق جتوئي، محمد صادق لاشاري، مور خان چانڊيو، عامر ڪورائي، واجد سانگي ۽ ٻين چيو ته رياست پنجاب کي سرسبز ڪرڻ لاءِ سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي منصوبي تي عمل ڪري رهي آهي جڏهن ته سنڌ ۾ پاڻي جي اڳ ۾ ئي کوٽ آهي جنهن ڪري سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين غيرآباد آهي اهڙي صورتحال ۾ سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ٺاهي سنڌ کي مڪمل طور بنجر ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ اهڙي سنڌ دشمن منصوبي خلاف سخت مزاحمت ڪئي ويندي.ان کان علاوه، گهارو، ساڪرو، قاضي احمد، ٽنڊو ڄام، ڪوٽڙي، هالا، سعيد آباد، سکر سميت سنڌ جي مختلف ننڍن وڏن شهرن ۾ پڻ احتجاج ڪيو ويو،نواب شاھ  ۾رفيق ملاح شاھنواز ڪيريو ٻڍل مگسي  ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جون زمينون بنجر بڻجي وينديون هوڏانهن سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اڄ سڄي سنڌ ۾ سنڌو درياهه تي ڪئنال جوڙڻ واري منصوبي خلاف ڀرپور احتجاج ڪري هڪ دفعو ٻيهر وفاقي حڪومت جي ڪئنال واري منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت کي فوري طور منصوبي کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري سنڌ جي ماڻهن مان بيچيني ختم ڪرڻ گهرجي. سنڌ جا ماڻهو پنهنجي صدين جي تهذيب تاريخ تمدن ۽ ثقافت اُهڃاڻ ۽ جياپي جي ذريعي تان هٿ نه کڻندا منصوبن جي خاتمي تائين ڀرپور عوامي جدوجهد جاري رکندا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.