حيدرآباد (رپورٽر ) عوامي جمهوري پارٽي طرفان سنڌو درياهه تي 6 ڪئنال اڏڻ جي خلاف پارٽي صدر خادم ٽالپر، ايڊووڪيٽ سيد لعل شاهه، نظير قريشي ۽ گلاب راءِ جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد نسيم نگر چوڪ کان ڄامشورو المنظر تائين ميڊيم مارچ ڪيو ويو جنهن ۾ عوامي ورڪرس پارٽي اڳواڻ بخشل ٿلهو، طبقاتي پارٽي اڳواڻ نثار چانڊيو، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اياز سمون، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ عمرا سمون ۽ سينيئر صحافي نعمت کهڙو سميت عورتن، مردن ۽ ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ ميڊيم مارچ نسيم نگر چوڪ کان زوردار نعرن سان ٿيندي سنڌو درياءَ المنظر ڄامشورو پهچي درياءَ کي گلن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ان موقعي تي عوامي جمهوري پارٽي جي صدر خادم ٽالپر، سيد لال شاھ، نظير قريشي، بخشل ٿلهو، نثار چانڊيو، ادي عمرا سمون، ڊاڪٽر اسلم پرويز، حريف خان چانڊيو، شير چانڊيو، ڪليم ملڪ، غلام قمبر حاجاڻو، پرويز ابڙو، مڪيش ڪمار، ڪنور پرمار ۽ ادي نازيا ڀٽي ميڊيم مارچ کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ سنڌ جي هزارين سالن جي ثقافت سان هٿ چراند آهي جيڪا ڪڏهن به قبول نه ڪئي ويندي سنڌو درياهه جو رک موڙڻ ڪروڙين سنڌين جي نسل ڪشي ڪرڻ جي برابر آهي پنجاب سنڌ جي پاڻي تي سدائين ڌاڙا هنيا آهن هن مهل 6 ڪئنال ڪڍڻ ڪنهن به صورت ۾ نه ڏينداسين هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو ٻچو ٻچو درياھ بچائڻ سنڌ جي زمينن تي قبضن خلاف هر قسم جي قرباني ڏيڻ کان ڪو نه ڪيٻائيندو جيستائين حڪومت ان منصوبي کي مڪمل طور ختم ڪرڻ جو اعلان نه ٿي ڪري تيستائين پوري سنڌ سراپا احتجاج رهندي.