اسلام آباد ( بيورو+م ڊ) پاڪستان ۾ پوليو جا وڌيڪ 3 ڪيس سامهون اچي ويا، جنهن بعد انگ وڌي 55 ٿي ويو.ذريعن موجب بلوچستان ۾ پوليو جا وڌيڪ 2 ڪيس سامهون آيا آهن جنهن کانپوءِ متاثر ٻارڙن جو انگ 26 ٿي ويو آهي. خيبرپختونخواهه ۾ هڪ ٻيو ٻار پوليو جو شڪار ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ انگ 14 ٿي ويو آهي.ذريعن موجب سنڌ ۾ هن وقت تائين 13 ٻار پوليو جو شڪار ٿي چڪا آهن. اسلام آباد ۽ پنجاب ۾ هڪ هڪ ٻار پوليو جو شڪار ٿي ويو آهي.