سڪرنڊ( رپورٽ:راج ڪماراوڏ)سنڌو درياهه تي 6ڪئنال ٺاھڻ خلاف جسقم مرڪز پاران اعلانيل قومي شاھراھ جلالاڻي پل سڪرنڊ تي ڌرڻو جسقم مرڪزي چيئرمين صنعان خان قريشي جي اڳواڻي ۾ جي ايم سيد چوڪ کان پيادل قافلو ڌرڻي ۾ پھتو جتي هزارين ڪارڪنن پاران سنڌو درياهه تي ڪئنال اڏڻ نامنظور جي نعريبازي ڪئي وئي، ڌرڻي ۾ وڏي انگ ۾ عورتن ۽ ٻارڙن شرڪت ڪئي جڏھن ته صبح کان لڳاتار لڳل ڌرڻو 8ڪلاڪن تائين جاري رھيو ان موقعي تي ڌرڻي کي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ڌرتي قدرتي وسيلن سان مالا مال ھجڻ سان گڏ زرعي خطو آھي سنڌ ۽ سنڌين جو جياپو سنڌو درياهه ۾ آھي وفاق پنھنجي سازشن ذريعي ھميشه سنڌ دشمن منصوبن کي سامھون آندو آھي جيستائين ڪئنال اڏڻ وارو فيصلو واپس نٿو ورتو وڃي اوستائين پر امن جدوجھد جاري رھندي،هن وڌيڪ چيو ته پيپلزپارٽي جي سرڪار سنڌين جي احتجاج کي سدائين نظر انداز ڪيو آهي، هاڻي وري پنجاب سان پيپلزپارٽي ٻٽ بڻجي سنڌ جي آخري وسيلي سنڌو درياھ تي قبضو پئي ڪرائي،، جيڪو سنڌ ڪڏهن به برداشت نه ڪندي، درياهه خاطر پيپلزپارٽي سرڪار جو هر هنڌ تي گهيراءُ ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته سنڌو درياھ تي عالمي قانون موجب فقط سنڌ جو حق آهي، تنهن ڪري درياھ جي خلاف سازش سنڌ جي خلاف آهي ۽ ڪو به سنڌ جو حلالي پٽ درياھ واري مسئلي تي خاموش نٿو رهي سگهي، هن چيو ته ڪوٽڙي کان هيٺ سنڌو درياھ مان واري پئي اُڏامي جنهن سبب سمنڊ، ٺٽي، سجاول ۽ بدين جي لکين ايڪڙ زمين پائي ويو آهي ۽ تمر جا ٻيلا ختم ٿي ويا آهن، هن چيو ته هن تاريخي ڌرڻي کان پوءِ هاڻي وري 15 ڊسمبر تي مٽياري کان پنجاب ويندڙ رستا بند ڪرڻ جو اعلان ڪريان ٿو جنهن جون اڄ کان تياريون شروع ڪيون وڃن،ڌرڻي کي جسقم سينئر وائيس چيئرمين امجد خان مهيسر، ديدار شام ،مومن سمون، مورڙو ميربحر قربان ٻنڀ، ناياب سرڪش سنڌي، خالد مچرائي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھ جي سلامتي لاءِ تاريخي جدوجهد جي شروعات ڪري ڇڏي جيڪا سنڌو درياھ مٿان ٺهندڙ ڪينالن کي رد ڪرڻ تائين جاري رهندي، اشرف ڪلهوڙو، آصف رضا مگسي، شعبان ماٽي، مسعود شاھ ۽ ٻين خطاب ڪيو، ڌرڻي ۾ جسقم ضلعن جي اڳواڻن، هاشم لغاري، رشيد ڏيٿو، رمضان خاصخيلي، عزيز شيخ، منصور جمالي، فيصل مستوئي، نواب بڙدي، فقير رمضان ڪلوڙ، ولي ڏنو سبزوئي، مختيار پنهور، آزاد ڪنڀر ، گلشير کوسو، عابد جمالي، سرور ابڙو، ماما ساجن بروهي سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، جڏھن ته لڳل ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنھي پاسن کان گاڏيون بيھجي ويون ۽پوليس انتظاميان پاران وڏي تعداد ۾ نفري مقرر ٿيل ھئي.