سنڌ جو سرموڙ شاعر ڊاڪٽر تنوير عباسي

تحرير: زين سولنگي

تنوير عباسيءَ جو اصل نالو نور نبي ۽ والد جو نالو گل حسن آهي. سندس جنم 7 ڊسمبر 1934 ۾ ڳوٺ سوڀي ديري ضلعي خيرپور ۾ ٿيو، ميٽرڪ اين-جي- وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان، انٽر سائنس ڊي- جي سنڌ گورنمينٽ ڪاليج ڪراچيءَ مان ۽ ايم- بي-بي ايس لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد مان 1960ع ۾ پاس ڪيائين. تنوير عباسي بنيادي طور تي شاعر آهي ۽ سندس شمار سنڌي جي چوٽيءَ  جي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. سندس علمي ادبي پورهيي جو وچور هن ريت آهي:

( 1 ) رڳون ٿيون رباب ( شاعري: 1958ع ) ، ( 2 ) شعر ( 1970ع ) ، ( 3 ) جي ماريا نه موت ( ويٽ نامي ناول جو ترجمو: 1973ع ) ، ( 4 ) ٻاراڻا ٻول ( چونڊ ۽ ترتيب: 1973ع ) ، ( 5 ) شاه لطيف جي شاعري ( تحقيق: جلد I- 1976ع ) ، ( 6 ) شاهه لطيف جي شاعري ( جلد ٻيو ، 1985ع ) ، ( 7 ) شاهه لطيف جي شاعري ( 3 جلد گڏ ، 1989ع ) ، ( 8 ) سج تريءَ هيٺان ( شاعري: 1977ع ) ، ( 9 ) جديد سنڌي شاعري ( چونڊ ۽ ترتيب: 1981ع ) ، ( 10 ) خير محمد هيسباڻيءَ جو ڪلام ( ترتيب: 1983ع ) ، ( 11 ) نانڪ يوسف جو ڪلام ( ترتيب: 1982ع ) ، ( 12 ) ڏوري ڏوري ڏيهه ( سفرنامو: 1984ع ) ، ( 13 ) هيءَ ڌرتي ( شاعري: 1985ع ) ، ( 14 ) Sachal Sarmast ، ( 15 ) منهن تنين مشعل ( خاڪا: 1990ع ) ، ( 16 ) تنوير چئي ( شعري ڪليات:1989ع ) ، ( 17 ) ترورا ( ادبي مضمون ، خاڪا ، يادگيريون ، سفرنامو: 1988ع ) ، ( 18 ) ساجن سونهن سرت ( شاعري: 1996ع ) ، ( 19 ) سپني کان سهڻي ساڀيا ( تقريرون ۽ ليڪچر: 2002ع ) ، ( 20 ) سچل جو رسالو ( ترتيب:اڻ ڇپيل ) ، ( 21 ) مون کي اڳتي وڃڻو آهي ( سفرناما: 2000ع ) .

سنڌي شاعر ، ادب ، جديد ٻوليءَ ، ڪلچر ، ڪلاسيڪي شاعريءَ ۽ ٻين موضوعن تي سندن سوين مقالا ، مضمون ۽ مهاڳ لکيل آهن .سچل سرمست يادگار ڪميٽي خيرپور جي ڪتابي سلسلي’سرمست‘ جا 9 جُلد سهيڙيل (1980) کان 1989) ۽ مضمونن، خاڪن، يادگيرين، انٽرويو ۽ دبئي جي سفر نامي جو مجموعو’ترورا‘(1988)،ان کان سواءِ ادب ۽ ڪلچر جي مختلف موضوعن تي سئو کان وڌيڪ مقالا ڇپيل آهن.

تنوير عباسي جي شاعري ڪيترين ئي خوبين سان ٽمٽار آهي، هو محبتن جو شاعر هو، سندس شاعري ۾ وطن پرستي، انسان دوستي، جماليات، تصوف ۽ فطرت نگاري جو عنصر نمايان نظر اچي ٿو.

سنڌي گيت جو هڪ سريلو ۽ مٺڙو شاعر آهي، جنهن جي شعر ۾ ميٺاج، رواني ۽ سادگي آهي. کيس شاعرن "Lyrical Poet” سڏيو آهي. کيس سنڌي شاعريءَ جو Words worth سڏيندا آهن، خود ورڊس ورٿ جو شمار انگريزي شاعريءَ ۾ Lyrical Poet جي حيثيت سان ٿئي ٿو. تنوير عباسي نه رڳو ڪلاسيڪل لوڪ گيتن کي نئين معنيٰ ڏني پر گيتن، بيتن ۽ وائين کي نئون موڙ ڏنو. شاعريءَ کان سواءِ به گهڻو ڪجهه لکيو اٿن، پر سندس شاعري ۽ شاهه لطيف تي لکيل ڪتاب وڌيڪ مشهور آهن. ڊاڪٽر تنوير جي شاعري زندگيءَ جي ترجمان آهي. گيت جي صنف کي حسين کان حسين بنائڻ لاءِ ڪافي فني تجربا ڪيا اٿن. ڊاڪٽر تنوير عباسي جي شعر جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو :

هر ڪو ماڻهو موتيءَ داڻو،

هر ڪا دل هيرن جي کاڻ،

ڄاڻي ڏس ته سهي اڻ ڄاڻ.

يا ٻئي هنڌ ڪيڏو نه خوب چيو اٿائون :

ڪجهه ڏئي وينداسين، ڪجهه نه کڻي وينداسين،

ٻور      آهيون   ڏئي  ميوو   ڇڻي   وينداسين.

تنوير عباسيءَ جي علمي ۽ ادبي ادارن سان وابستگي ، هڪ وڏي عرصي تائين رهي . پاڻ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو تصور ڏيندڙ ۽ ان جي ائڊوائيزري بورڊ جو آخر تائين ميمبر ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي رٿا جوڙيندڙ ، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي مالياتي ، پبليڪيشن ، تعليمي رٿابندي ۽ تحقيقي ڪاميٽيءَ جو ميمبر ، شاهه لطيف ڪلچرل ڪاميٽي ڪراچيءَ جو ميمبر ، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت جو باني ۽ مستقل ميمبر ، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سيڪريٽري جنرل ( 11 سالن تائين ) ، سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر ، سچل يادگار ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري ، سچل چيئر- شاهه لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور جو باني ڊائريڪٽر ۽ سچل سرمست ميلي ڪاميٽيءَ جو ڪيترائي سال آرگنائيزر ۽ ٻين ڪيترن ادارن سان وابسته رهيو . سندس علمي ، ادبي ۽ تحقيقي ڪم جي مڃتا طور کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ انعام به مليا.

تنوير عباسيءَ جي ياد ۾ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ خيرپور ۾ تنوير ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي ، تنوير عباسي جي شخصيت ۽ سندس ڪيل علمي ادبي خدمتن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ هيٺيان ڪتاب ڇپريا ويا آهن : ( 1 ) تنوير عباسي- هڪ مطالعو ( ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ) ، ( 2 ) پوان شل قبول ( مرتب: اياز گل ) ، ( 3 ) مان تنوير آهيان ( مرتب: مشتاق ڪلهوڙو ) ۽ ٻيا ڪتاب ڇپيل آهن . تنوير ڪارنر پاران سندس چونڊ شاعريءَ تي مشتمل پاڪيٽ سائيز ڪتابڙو ” روشن آ سانجهي “ اياز گل ترتيب ڏئي 2008ع ۾ ڇپايو آهي . تنوير عباسي جي شخصيت تي ڊاڪٽر مهر خادم ايم فل جي ٿيسز پڻ لکي آهي .

ويهين صديءَ جو هيءَ ڏاهو انسان ، 25 نومبر 1999ع تي ، اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. تنوير عباسيءَ جي آخري آرامگاهه اسلام آباد ۾ آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.