اسرائيل لبناني فوجي اڏي کي نشانو بڻائڻ تي معافي گهري ورتي

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان ۾ لبناني فوجي اڏي کي نشانو بڻائڻ تي معافي گهري ورتي.
لبناني فوجي اڏي تي اسرائيلي حملي ۾ هڪ فوجي مارجي ويو ۽ 18 زخمي ٿيا هئا.
اسرائيلي فوج جي بيان موجب اهو واقعو اهڙي صورتحال ۾ پيش آيو، جڏهن حزب الله سان ويڙهه جاري هئي.
بيان ۾ چيو ويو ته اسرائيلي فوج ان حادثي تي افسوس جو اظهار ڪري ٿي ۽ واضح ڪري ٿي ته هوءَ لبناني فوج نه پر حزب الله خلاف وڙهي رهي آهي.
اسرائيلي فوج موجب حادثي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.