لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاع واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته حڪومت دهشتگردن اڳيان سرينڊر نه ڪندي.
پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته اڄ فتني پارٽي جو مرو يا ماريو جو ڏينهن آهي، اسان سڀ ويڙهاڪن جو انتظار ڪري رهيا آهيون پر ڪير نظر نه پيو اچي ۽ صوبي ۾ سڪون جو ماحول آهي.
هن چيو ته اهي ماڻهو پنجاب جي حدن ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪندا، احتجاج رڳو سوشل ميڊيا تي نظر اچي رهيو آهي، انهن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ٿيڻ جي تڪليف آهي، عوام فتني جي سياست ۾ شامل ٿيڻ نٿو چاهي.
Prev Post
You might also like