ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي توانائي واري وزير ناصر شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جيڪڏهن معافي وٺي پوءِ به ڏوهه ختم نه ٿيندو پر انهن جي معافي جو هڪ سلسلو شروع ٿي سگهي ٿو.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته پي ٽي آءِ ڀڃ ڊاهه ڪندي آهي، اسلام آباد تي ڪاهه جي اعلان ۾ به ائين ئي ٿيو، انهن جو مطالبو آهي ته عمران خان کي آزاد ڪيو، اهو عدالتن جو ڪم آهي.
هن چيو پي ٽي آءِ باني جيڪڏهن غلطي مڃي ته انهن ۾ ڪهڙو حرج آهي، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي وئي، سڄي دنيا ۾ گرفتاريون ٿينديون آهن، پي ٽي آءِ امن جي ڌاري ۾ رهي.
سندس چوڻ هو ته ڇا هن وقت خيبر پختونخواهه ۾ امن آهي؟ ڪي پي حڪومت جو ڪم پنهنجي ماڻهن جي حفاظت ڪرڻ آهي، اهي هر ڀيري ڪي پي جا وسيلا استعمال ڪري اسلام آباد ويندا آهن.
Prev Post
You might also like