جيڪو به احتجاج ڪرڻ آيو ته گرفتار ٿيندو: محسن نقوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته حڪومت ڪنهن کان نٿي ڊڄي، جيڪو به ڏڦيڙ پکيڙيندو ان کي گرفتار ڪيو ويندو.
محسن نقوي اسلام آباد ۾ ڊي چوڪ جو دورو ڪيو ۽ انتظامن جو جائزو ورتو.
ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته پرڏيهي وفد ڪجهه دير ۾ پاڪستان پهچي رهيو آهي، ڪو احتجاج ڪرڻ آيو ته ان کي فوري طور گرفتار ڪيو ويندو.
هن چيو ڪوشش آهي ته شهرين کي گهٽ کان گهٽ تڪليف ٿئي، موبائل فون سروس هلي رهي آهي، ڊيٽا بند آهي، پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ هر شئي ٺيڪ آهي.
سندس چوڻ هو ته پوليس فيض آباد مان احتجاج ڪندڙن کي گرفتار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.