سياسي مفاد ملڪي مفادن کان مٿاهون ناهن

پاڪستان تحريڪ انصاف جي  اعلانيل احتجاج ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ مان قافلا اسلام آباد پهچڻ شروع ٿي ويا آهن جيڪي  ڪالهه ملڪ جي مختلف شهرن مان روانا ٿيا هئا. جن جي مختلف هنڌن تي انتظاميا پاران رستا روڪ ڪرڻ ۽  قانون لاڳو ڪندڙ  ادارن جي اهلڪارن سان ڇڪتاڻ  ٿيڻ جا پڻ اطلاع مليا آهن. پرامن احتجاج ڪرڻ ملڪ جي هر شهري جو بنيادي حق آهي، جيڪڏهن جمهوريت مان اهو نڪتو ڪڍي ڇڏجي ته جمهوريت، جمهوريت نه رهندي ۽ اها آمريت جي شڪل اختيار ڪري وٺندي. ڇاڪاڻ ته جمهوريت ۽ آمريت ۾ جيڪو بنيادي فرق آهي سو اهو ئي آهي،  حقيقي جمهوريت هوندي ئي اها آهي جتان جي شهرين کي اظهار جي آزاديءَ جو حق حاصل هجي.

پر اسان وٽ ”جهڙا روح، تهڙا ختما“  واري صورتحال لڳي پئي آهي. هتي نه ته حقيقي جمهوريت جو تصور ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ئي  پرامن احتجاج ڪيا  ويندا آهن جيئن سڌريل ملڪن جا مهذب شهري ڪندا. جتي احتجاج دوران نه ته سرڪاري ڪار ونهوار ۾ ڪا رڪاوٽ پيش ايندي آهي ۽ نه ئي اهو احتجاج جلاءُ گهيراءُ، ڀڃ ڊاهه ۽ شهرين لاءِ ڪنهن تڪليف جو باعث بڻجندو آهي. اتي ٽريفڪ معمول مطابق روان دوان هوندي آهي جنهن سبب عام ماڻهو کي ڪنهن به قسم جي تڪليف کي منهن ڏيڻو ناهي پوندو.  اسان وٽ وري گنگا ئي ابتي وهي ٿي ۽ هتي ان احتجاج جي ڪاميابي کي يقيني سمجهو ويندو آهي جنهن دوران رستن تي ٽائرن کي باهيون ڏئي دڪان ساڙيا ويندا هجن ۽  جلاءُ گهيراءُ ڪري عام ماڻهو کي ڏچي ۾ وڌو ويندو هجي.

سياست ۾ عدم برداشت جو لاڙو ان ڪري تيزي سان پيدا ٿي رهيو آهي جو سياسي جماعتون پنهنجي ڪارڪن جي سياسي تربيت ڪرڻ جي بدران ڀرتي سسٽم تي ڀاڙڻ لڳيون آهن، ماضي ۾ سياسي جماعتن پاران ورڪشاپ ۽ گڏجاڻيون ڪري  ڪارڪنن کي ليڪچر ڏنا ويندا هئا ۽ کين مطالعي جي تاڪيد ڪئي ويندي هئي جنهن سبب ڪارڪن ۾ ڇڙواڳي بدران ذهني پختگي ايندي هئي ۽ اهي سياسي اختلافن کي محض سياسي اختلاف ئي سمجهندا  هئا ۽ انهن سياسي ۽ نظرياتي اختلافن کي پنهنجي ذاتي ۽ سماجي لاڳاپن تي اثر انداز ٿيڻ نه ڏيندا هئا. جنهن جي نتيجي ۾ ڪارڪنن ۾ سياسي سهپ، بردباري ۽ رواداري وارو لاڙو نظر ايندو هو. جڏهن ته اڄ جي ڀيٽ ۾ صورتحال بنهه ان جي ابتڙ نظر اچي رهي آهي. سياسي ڪارڪن، جن کي سياسي ڪارڪن چوڻ به حقيقي سياسي ڪارڪنن جي توهين ۽ بي عزتي جي مترادف آهي. نه رڳو جلسن جلوسن ۾ سياسي مخالفن کي گارگند ڪندي ڏٺا وڃن ٿا پر اهي سوشل ميڊيا کي پڻ ”ڊسٽ بن“ بڻائي ڇڏيو اٿن. جتي  اهي غير سياسي، غير پارلياماني ۽ غير اخلاقي زبان ڳالهائيندي نظر اچن ٿا، جيڪو  تماشو پوري دنيا ڏسي رهي آهي ته ڇاڪاڻ ته موجوده جديد ٽيڪنالاجي  وارو دؤر دنيا کي گلوبل وليج بڻائي ڇڏيو آهي. جتي دنيا جي ڪابه ڳالهه ڪنهن کان ڳجهي رهي نٿي سگهي.

ملڪي تاريخ  تي نظر ڦيرائڻ سان اسان کي اهڙا ڪيترائي، حڪومت ۽ اپوزيشن  جو هڪٻئي سان سهڪار ڪرڻ وارا مثال ملندا جن تي موجوده سياسي صورتحال جي تناظر ۾ يقين ڪرڻ ڏکيو لڳندو آهي. عبدالستار پيرزادي جي وڏ وزارت  دوران اپوزيشن ليڊر سائين جي ايم سيد هو، سنڌ اسيمبلي جي تاريخ ۾ ڪنهن اپوزيشن ليڊر  جا ايترا مطالبا نه مڃيا ويا آهن جيترا اپوزيشن اڳواڻ جي ايم سيد جا عبدالستار پيرزادي جي وڏ وزارت دوران مڃيا ويا هئا. 1972ع کان پوءِ به جڏهن  سائين جي ايم سيد پارلياماني سياست کي خيرآباد چئي چڪو هو تڏهن به ضرورت ۽ ڏکئي وقت ۾ جڏهن ملڪ جا حڪمران کانئس سهڪار يا مشورو طلب ڪندا هئا ته سيد کين مايوس نه ڪندو هو.

سياست ۾ ليڪو ناهي ڪڍبو مطلب ته سياسي دنيا ۾ ڪنهن سان به تعلقات ترڪ ناهي ڪبو، حالتون ڪنهن به وقت پاسو بدلائي سگهن ٿيون. ويجهڙ ۾ اسان اهو لقاءُ ڏسي چڪا آهيون ويجهڙ ۾ ئي عمران خان پنهنجي سياسي حريف مولانا فضل الرحمان خلاف  بازاري ٻولي ڳالهائيندو رهيو پر  مٿس اهڙو وقت به آيو جو  سندس حڪم تي پارٽي جا اڳواڻ مولانا جي در تي لنگهي ويا. عمران خان پنهنجي دؤر اقتدار ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز کي جيل ۾ مليل سهولتون ختم ڪرائي ڇڏيون هيون، اڄ هو پاڻ جيل ۾ انهن ئي سهولتن جي گهُر ڪري رهيو آهي جيڪي هُن سياسي مخالفن کي ڏيڻ پسند نه ڪيون.

پاڪستان تحريڪ انصاف احتجاج جي نالي تي 09 مئي وارو پرتشدد واقعو ڪري چڪي آهي. هاڻ جڏهن بيلاروس جي صدر سميت ڪجهه ٻين ملڪن جا اڳواڻ  پاڪستان جي دوري تي اچي رهيا آهن ته پي ٽي آءِ اوچتو نه رڳو احتجاج جي ڪال پر عمران خان جي گهرواريءَ بشريٰ بي بي سعودي عرب خلاف بيان ڏئي حڪومت کي امتحان ۾ وجهي ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ جي ان عمل سان  دوست ملڪن سان لاڳاپا خراب ٿيڻ جو انديشو آهي.

بشريٰ بي بي جنهن لاءِ چيو ويندو هو ته اُها غير سياسي ۽ گهريلو عورت آهي، جنهن جو احتجاج جو سڏ ۽ سعودي عرب خلاف تڪراري بيان ڏيڻ معنيٰ خيز آهي. سندن ان عمل  مان واضح ٿئي ٿو ته پي ٽي آءِ ملڪ ۾ معاشي استحڪام ڪنهن به صورت ۾ نٿي چاهي. جڏهن ته ملڪ جي معاشي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي. معاشي ماهر ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، ان صورتحال ۾ پي ٽي آءِ احتجاج جو سڏ ۽ سعودي عرب خلاف  تڪراري بيان ڏئي بيلاروس جي دوستي لاءِ وڌندڙ وک کي روڪڻ ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا خراب ڪرڻ جي پوري ۽ دانشته طور ڪوشش ڪئي آهي. جنهن جا ملڪي معيشت تي ناڪاري اثر ته پوندا ئي پر ان نقصان کان پي ٽي آءِ به  بچي نه سگهندي. جيڪا سياسي مخالفت کي ملڪ دشمني ۾ تبديل ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.