اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي پاران تڪراري بيان ڏيڻ تي سندس خلاف 4 مختلف جاين تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، اهي ڪيس ٽيلي گراف ايڪٽ 1885 تحت داخل ڪيا ويا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب دوست ملڪ بابت تڪراري بيان ڏيڻ تي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي ڏکيائين ۾ واڌ ٿي وئي.
اڳوڻي خاتون اول خلاف ملتان، ڊيرا غازي خان ۽ ليا ۾ 4 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ بشريٰ بي بي جو بيان پاڪستان جي ساک کي نقصان پهچائڻ ۽ پاڪ – سعودي لاڳاپن خلاف سارش قرار ڏني وئي آهي.
ڊيرا غازي خان ۾ جمال خان نالي شهري جي درخواست تي بشريٰ بي بي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس ٽيلي گراف ايڪٽ 1885 تحت داخل ڪيو ويو آهي.
هڪ ٻيو ڪيس غلام ياسين طرفان داخل ڪرايو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته بشريٰ بي بي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي پاليسي خلاف بيان ڏنو، جنهن سان پاڪستان جي ساک کي نقصان پهتو آهي، اها هڪ سوچيل سمجهيل سازش آهي.
ڪيس جي متن موجب بشريٰ ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ لاءِ نفرت ڀريو بيان ڏنو.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار خلاف ٽيلي گراف آرٽيڪيل جي قلم 126 ۽ ٻين قلمن تحت ڪارروائي جاري آهي.
هوڏانهن ملتان جي شهري عمير مقصود جي درخواست تي قطب پور جي ٿاڻي ۾ بشريٰ بي بي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر موجب بشريٰ بي بي سعودي عرب ۽ اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا تي الزام لڳائيندي مذهبي ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ليا جي سٽي ٿاڻي ۾ به بشريٰ بي بي خلاف ڪيس داخل آهي، اهو ڪيس عيد گاهه محلي ۾ رهندڙ نالي اشفاق سهيل طرفان داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس موجب بشريٰ بي بي جو بيان پرڏيهي پاليسي ۽ ملڪ خلاف سازش آهي.
You might also like