زمبابوي خلاف سيريز ۾ نوان سپر اسٽارز ملندا: محمد رضوان

بلاويو (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان چيو ته هن جي پوري اسڪواڊ ئي ڪپتان آهي، آسٽريليا ۾ جيڪا ڪرڪيٽ کيڏي، سا ماضي جو قصو بڻجي چڪي آهي.
پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز سڀاڻي کان شروع ٿي رهي آهي.
پاڪستان ۽ زمبابوي وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ ۾ سڀاڻي کيڏي ويندي، ميچ پاڪستاني وقت موجب منجهند ساڍي ٻارهين وڳي شروع ٿيندي.
ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد رضوان چيو ته آسٽريليا ۾ جيڪا ڪرڪيٽ کيڏي اِها هاڻي ماضيءَ جو قصو بڻجي چڪو آهي، ٽيم زمبابوي جي ڪنڊيشن مان واقف آهي.
هن چيو ته پروفيشنل طور اوهان کي اهڙي قسم جي شين لاءِ تيار رهڻو پوندو آهي، آسٽريليا خلاف سيريز مان ملندڙ اعتماد هن سيريز ۾ به برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
قومي ڪپتان چيوته زمبابوي خلاف به سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنداسين، چئلينج اِهو آهي ته اسان جي نوجوان ٽيم آهي، نوجوانن لاءِ سکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه هوندو.
سندس چوڻ هو ته سينيئر رانديگرن جي کوٽ پوري ڪرڻ سولو ناهي، اميد آهي ته هن سيريز مان پاڪستان کي نوان سپر اسٽارز ملندا.
محمد رضوان چيو ته ڏکڻ آفريڪا خلاف سيريز اهم آهي، ان سيريز سان چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ٽيم ٺاهڻ ۾ مدد ملندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.