پرٿ ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ چيو آهي ته ميدان ۾ ڪو به دوست ناهي هوندو، هي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ آهي، رانديگر آءِ پي ايل ناهن کيڏي رهيا.
ڀارتي هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير بارڊر-گواسڪر ٽرافي کان اڳ چرڏياريندڙ بيان ڏنو، جنهن تي ردعمل ڏيندي اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ گوتم گمڀير جي جارحاڻي رويي جو دفاع ڪيو.
هن چيو ته اهڙي قسم جي سوچ ۽ حڪمت عملي هئڻ گهرجي ته جيئن آءِ پي ايل دوران جيڪي دوستيون ٺهيون آهن ان مان ٻاهر نڪري ميدان ۾ رانديگر هڪٻئي جي اکين ۾ اکيون ملائيندي نظر اچن.
مائيڪل ڪلارڪ چيو ته اڄڪلهه رانديگرن ۾ جارحاڻو رويو گهٽ نظر اچي ٿو ڇو ته گهڻي قدر رانديگر دنيا جي مختلف ليگز ۾ هڪٻئي خلاف کيڏندا رهن ٿا.
اڳوڻي آسٽريلوي ڪپتان چيو ته جڏهن هن آءِ پي ايل کيڏي ان وقت حالتون گهڻو مختلف هيون، اِهو ئي سبب آهي جو ڀارتي ٽيم آسٽريليا کي ٻه ڀيرا هوم سيريز ۾ شڪست ڏني.
مائيڪل ڪلارڪ چيو ته سمورن رانديگرن کي اِهو سمجهڻ گهرجي ته جڏهن اوهان پنهنجي ملڪ لاءِ کيڏندا آهيو ته ميدان ۾ ڪو به دوست نه هوندو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته رانديگرن جي ميدان کان ٻاهر دوستي سٺي ڳالهه آهي، پر ميدان ۾ ڪنهن به قسم جي دوستي نظر نه اچڻ گهرجي، اوهان آءِ پي ايل يا ليگ ڪرڪيٽ ناهيو کيڏي رهيا.
You might also like