باجوڙ ۾ ڌماڪا، پوليس اهلڪار سميت ٻه ڄڻا مارجي ويا

باجوڙ (ويب ڊيسڪ) باجوڙ ۾ ٻن ڌماڪن ۾ پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا مارجي ويا.
ڊي پي او وقاص رفيق موجب ڇنڇر جي صبح باجوڙ ضلعي جي تعلقي ماموند ۾ ٻه الڳ الڳ بم ڌماڪن ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا.
هن ٻڌايو ته پهريون ڌماڪو لوئي ماموند ٿاڻي جي حدن جي علائقي ايراب ۾ ٿيو، جنهن ۾ ملڪ اصغر مارجي ويو، جڏهن ته ٻيو ڌماڪو لوئي ماموند جي علائقي مينا خوڙ ۾ ٿيو، جنهن ۾ پوليس اهلڪار احسان الله مارجي ويو.
سندس چوڻ هو ته ڌماڪن کانپوءِ پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته اڃا تائين ڪنهن ذميواري قبول ناهي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.