خيبر پختونخواهه حڪومت جي هيلي ڪاپٽر تي فائرنگ

پشاور (ويب ڊيسڪ) پارا چنار ۾ خيبر پختونخواهه حڪومت جي هيلي ڪاپٽر تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي.
ذريعن موجب هيلي ڪاپٽر ۾ قانون واري صوبائي وزير آفتاب عالم ايڊووڪيٽ جي سربراهي ۾ وفد موجود هو، وفد وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي هدايت تي روانو ٿيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وفد ڪرم ۾ امن امان جو جائزو وٺڻ ۽ امن جرڳي کي ٻيهر فعال ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري اسلم چوڌري، ڪمشنر ڪوهاٽ ڊويزن، ڊي آءِ جي ڪوهاٽ ۽ ٻيا شريڪ هئا.
ذريعن موجب صوبائي حڪومت جي هيلي ڪاپٽر تي فائرنگ جو واقعو پيش آيو پر هيلي ڪاپٽر محفوظ لينڊنگ ڪئي ۽ خيبر پختونخواهه حڪومت جو وفد محفوظ رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.