پي سي بي ۾ آپريشن ڪلين اپ، 38 عهديدار گهر ڀيڙا

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) آپريشن ڪلين اپ تحت ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ ڪوچنگ جا فرض انجام ڏيندڙ 38 ڪوچز کي گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽس موجب، اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر اڪرم رضا جو ڪانٽريڪٽ به ختم ڪيو ويو آهي، برطرف ٿيندڙ ڪوچز ۾ مجاهد جمشيد، شاهد علي خان، طيب طاهر، جميل، هارون ۽ ٻيا شامل آهن.
پي سي بي ڊوميسٽڪ ڪوچنگ جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي هئي، جنهن ۾ اظهر علي، اسد شفيق، جنيد ضياءَ ۽ خرم نيازي شامل آهن، ڪميٽي مستقبل ۾ ڪوچنگ جي بهتري لاءِ سفارشون پيش ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.