اسلام آباد احتجاج: پي ٽي آءِ مرڪزي قيادت جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

پشاور (ويب ڊيسڪ) وزيرعليٰ هائوس ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
پي ٽي آءِ جي اجلاس ۾ اڳوڻي صدر ڊاڪٽر عارف علوي، پارٽي چيئرمين بئريسٽر گوهر، اسد قيصر، شيخ وقاق اڪرم، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور، بئريسٽر سيف ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ذريعن موجب، اجلاس ۾ فيصلو ٿيو ته احتجاج لاءِ هر صورت ۾ اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪيو ويندو، قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي ڪارڪنن جو خيال رکڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون.
ان ڏس ۾ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي ترجمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سموريون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، هر صورت ۾ اسلام آباد وينداسين، ڪنٽينر هٽائڻ لاءِ ڳري مشينري به احتجاجي ريلي سان گڏ هوندي.
ترجمان جو چوڻ هو ته ريسڪيو 1122 جون ايمبولينسز به وزيراعليٰ اسڪواڊ سان گڏ هونديون.
ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف 24 نومبر تي اسلام آباد ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو آهي جنهن لاءِ پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت طرفان ڀرپور تياريون جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.