حڪومت تحريڪ انصاف جي احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ پلان تيار ڪري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) حڪومت تحريڪ انصاف جي احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ پلان تيار ڪري ورتو، اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ جا سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا، جڏهن ته ايونيو مارگلا روڊ ٻنهي پاسن کان ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو آهي.
پي ٽي آءِ طرفان 24 نومبر تي اعلانيل احتجاج کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت جاڙن شهرن م داخل ٿيڻ جا سمورا رستا ڪنٽينر لڳائي بند ڪري ڇڏيا.
ايڪسپريس وي، ڊي چوڪ ۽ زيرو پوائنٽ تي به ڪنٽينر لڳايا ويا آهن، اسلام آباد ۾ آءِ جي پي کان پاڪ سيڪريٽريٽ تائين ميٽرو بس سروس بند رهندي، جڏهن ته جاڙن شهرن ۾ سڀاڻي ميٽرو بس سروس مڪمل طور بند رهندي.
وفاقي راڄڌاني ۾ بس اڏا به بند ڪيا ويا آهن، راولپنڊي ۾ به انٽر سٽي ٽرانسپورٽ اڏا ايندڙ حڪم تائين بند رهندا، جڏهن ته مظاهرين کي منهن ڏيڻ لاءِ 30 هزار اضافي پوليس اهلڪار اسلام آباد پهچي ويا آهن.
پنجاب مان 19 هزار ۽ سنڌ مان 5 هزار پوليس اهلڪار اسلام آباد ۾ پهچي ويا آهن، جڏهن ته آزاد ڪشمير کان هڪ هزار ۽ 5 هزار ايف سي اهلڪار به اسلام آباد پهچي ويا آهن.
سموري نفري امن امان جي صورتحال ۾ اسلام آباد پوليس جي مدد ڪندي، ايندڙ حڪم تائين موٽر وي کي 8 هنڌن کان بند ڪيو ويو.
حڪومتي نوٽيفڪيشن موجب، پشاور کان اسلام آباد ۽ لاهور کان اسلام آباد موٽر وي بند هوندي.
نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته موٽروي ايم ٿري لاهور کان عبدالحڪيم، ايم فور پنڊي ڀٽيان کان ملتان، موٽروي ايم 11 لاهور کان سيالڪوٽ، موٽروي ايم 14 ڊي آءِ خان کان هڪله ايندڙ حڪم تائين بند رهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.