اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته قانون ٽوڙيندڙ ڪو به شخص گهر واپس نه وڃڻ گهرجي، ڪنهن کي به اسلام آباد ۾ امن امان خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي صبح سوير پوليس فورس جو حوصلو وڌائڻ پوليس لائينز پهچي ويو، وفاقي گهرو وزير امن امان قائم ڪرڻ لاءِ اسلام آباد پوليس جي ڪارڪردگي جي ساراهه ڪئي.
پوليس فورس کي خطاب ڪندي محسن نقوي چيو ته سڀاڻي بيلاروس جو وفد ۽ 25 نومبر تي بيلاروس جو صدر پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي، ان کي نظر ۾ رکندي اسلام آباد شهر کي هر صورت محفوظ رکيو آهي.
سندس چوڻ هو ته پوليس فورس اسلام آباد کي محفوظ رکڻ لاءِ هڪ ٽيم جيان گڏجي ڪم ڪرڻو آهي ۽ ان کي يقيني بڻائڻو آهي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پوليس فورس کي هدايت ڪندي چيو ته اسلام آباد جي امن امان کي خراب ڪندڙ هر شخص کي گرفتار ڪرڻو آهي، هن ڀيري اسلام آباد ۾ قانون هٿ ۾ کڻندڙ ڪنهن به شخص کي واپس نه وڃڻ ڏيندا.
You might also like