اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد ڪندي گهرو وزير محسن نقوي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر سان رابطو ڪيو آهي.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ بئريسٽر گوهر موجودا سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
محسن نقوي طرفان بئريسٽر گوهر کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ واري صورتحال بابت آگاهه ڪيو ويو.
ان موقعي تي محسن نقوي جو چوڻ هوته هو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم جا پابند آهيون، ڪنهن جلوس، ڌرڻي يا ريلي جي اجازت نٿا ڏئي سگهون.
گهرو وزير، بئريسٽر گوهر کي بيلا روس جي وفد جي 24 نومبر کان 27 نومبر تائين جي مصروفيتن بابت آگاهه ڪيو جنهن تي بئريسٽر گوهر چيو ته پارٽي مشاورت کانپوءِ اوهان کي حتمي راءِ کان آگاهه ڪندس.
You might also like