پرٿ (ويب ڊيسڪ) بارڊر-گواسڪر ٽرافي جي پهرين ٽيسٽ جي ٻي اننگز ۾ ڀارتي ٽيم بنا ڪنهن نقصان جي 172 رنسون ٺاهي آسٽريليا خلاف 218 رنسن جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.
پرٿ ۾ جاري پهرين ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن آسٽريليا پنهنجي پهرين اڻپوري اننگز 67 رنسون ست وڪيٽن تان شروع ڪئي ۽ پوري ٽيم 104 رنسن تي ڍير ٿي ويئي، آسٽريليا طرفان مچل اسٽارڪ سڀ کان وڌيڪ 26 رنسون ٺاهيون.
ڀارت طرفان ڪپتان جسپريت بمرا زبردست بالنگ ڪندي پنج، هرشيت راڻا ٽي ۽ محمد سراج ٻه وڪيٽون ورتيون.
ڀارتي اوپنرن ٻي اننگز جي شروعات محتاط انداز سان ڪئي ۽ هوريان هوريان ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌايو.
نوجوان اوپنر يشسوي جئسوال هلندڙ سال 10 هين ٽيسٽ ففٽي اسڪور ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو، جڏهن ته ڪي ايل راهول به ڊگهي عرصي بعد ٽيم لاءِ ذميواراڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ففٽي مڪمل ڪئي.
ٻئي ڏينهن جي پڄاڻي تي ڀارت بنا ڪنهن نقصان جي 172رنسون ٺاهي آسٽريليا خلاف 2018 رنسن جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي، اوپنر يشسوي جئسوال 90 ۽ ڪي ايل راهول 62 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود آهن.
پرٿ ٽيسٽ جو پهريون ڏينهن
پرٿ ٽيسٽ جو پهريون ڏينهن بالرن جي نالي رهيو ۽ مجموعي طور تي 17 وڪيٽون ڪِريون.
گذريل ڏينهن ڀارت ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، پوري ڀارتي ٽيم پهرين اننگز ۾ 150 رنسن تي ڍير ٿي ويئي.
آسٽريليا طرفان جوش هيزل ووڊ زبرست بالنگ جو مظاهرو ڪندي چار، مچل اسٽارڪ، پيٽ ڪمنز ۽ مچل مارش ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون.
جواب ۾ آسٽريلوي ٽيم جي شروعات به سٺي نه رهي ۽ 14 رنسن تي آل رائونڊر نيٿن ميسڪويني کي بمرا ايل بي ڊبليو ڪري ڇڏيو، عثمان خواجا اٺ رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
اڻويهه رنسن جي مجموعي اسڪور تي سڀ کان تجربيڪار بيٽر اسٽيو سمٿ به بمرا جي پهرئين ئي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو، ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريليا جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ٽرويس هيڊ به رڳو 11 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو، هو هرشيت رانا پهرين ٽيسٽ وڪيٽ بڻيو.
مارنس لبوشين ٻه، مچل مارش ڇهه ۽ ڪپتان پيٽ ڪمنز ٽي رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.
پهرئين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تائين آسٽريليا 7 وڪيٽن جي نقصان تي 67 رنسون ٺاهيون.
واضح رهي ته پرٿ ٽيسٽ ۾ ڪپتان روهت شرما جي غير موجودگيءَ ۾ فاسٽ بالر جسپريت بمرا ڀارتي ٽيم جي قيادت ڪري رهيو آهي، شرما ذاتي مصروفيتن سبب ٻي ٽيسٽ ۾ ٽيم کي جوائن ڪندو.
پرٿ ٽيسٽ: جئسوال ۽ راهول ڀت بڻجي ويا، ڀارت جون ٻي اننگز ۾ 172 رنسون، آسٽريليا خلاف 218 جي سرسي
You might also like