حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ رواداري ڪميٽي جي سڏ تي حيدرآباد ۾ ر”رواداري ۽ سنڌو درياهه بچايو” مارچ ڪيو ويندو. اولڊ ڪيمپس کان پريس ڪلب تائين رٿيل هن مارچ جي جاڳرتا جي سلسلي ۾ ڪالهه شام ڌاري قاسم آباد جي علائقي نسيم نگر چوڪ تي مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي. جن هٿن ۾ مشعل کڻي “پاڻيءَ تي ڌاڙو نامنظور، ڪئنال سمورا نامنظور، ڊيم سمورا نامنظور، درياهه خاطر جهيڙو آ، پاڻيءَ خاطر جهيڙو آ، انتهاپسندي نامنظور، لطيف جي ڌرتي، امن ٿي چاهي” جهڙا نعرا هنيا. ان موقعي تي رواداري ڪميٽي جي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو، عاليا بخشل، پروفيسر امداد چانڊيو، حمز علي چانڊيو، سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر ثمر حيدر جتوئي، نظير قريشي، بختاور ڄام، ماروي لطيفي، پشپا ڪماري، ماروي اعواڻ، صائمه جعفري، سارنگ ڄام، ماهنور شيخ ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياهه مٿان ڪو به ڪئنال ۽ ڊيم قبول ناهي، سنڌو درياهه کي سڪائڻ ۽ سنڌ جي ماڻهن جو جياپو کسڻ واري سازش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي. جيڪڏهن حڪمران پنهنجي هوڏ تان نه لٿا ته پوءِ سنڌ جون هزارين عورتون ۽ نوجوان رستا بند ڪري ويهي رهندا ۽ پوءِ حڪمرانن جو هتي هلڻ ڏکيو ٿي پوندو. اسان جو اهو مطالبو آهي ته اڳ ۾ سنڌ جي اجازت ۽ راضپي کانسواءِ سنڌو درياهه مان غير قانوني طور ڪڍيل ڪئنال ۽ اڏيل ڊيم ختم ڪيا وڃن. هنن چيو ته سنڌ مٿان اونداهيون مڙهيندڙ انتهاپسند ڌريون سنڌ جي روشن خيال ۽ سيڪيولر مزاج کان ڇرڪ ڀري رهيون آهن، ان ڪري هو سنڌ جي رواداري ۽ امن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪن پيون، اڄ هٿن ۾ مشعال کڻي اسان کين ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سنڌ جا ماڻهو سنڌ مٿان انتهاپسندي ۽ جهالت مڙهڻ واري سازش کي ناڪام بڻائيندا. هنن سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين، اديبن، شاعرن، ليکڪن، وڪيلن، سياسي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کي اپيل ڪئي ته هو اڄ 2 وڳي اولڊ ڪيمپس کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين رٿيل رواداري ۽ سنڌو درياهه بچايو مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪن.