نئين گاج ڊيم جي لاڳت 30 مان وڌي 100 ارب ٿي وئي، رٿا ۾ دير ڇو؟ رپورٽ طلب

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ نئين گاج ڊيم منصوبي ۾ دير ۽ لاڳت بابت وفاقي حڪومت کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 6 رڪني آئيني بئنچ نئين  گج ڊيم جي اڏاوت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس جمال مندوخيل پڇيو ته اڃا تائين رٿا مڪمل ڇو نه ٿي آهي؟ جنهن تي تعميراتي ڪنسورشيم جي وڪيل چيو ته منصوبي لاءِ مقرر ڪيل فنڊ جاري نه ڪيا پيا وڃن، جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته حڪومت پنهنجو ڪم نه ٿي ڪري، جنهن ڪري بار اسان جي مٿان ڪري ٿو، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته جيڪڏهن فنڊ هجن ته اهو منصوبو وقت تي مڪمل ٿي سگهي ٿو، جسٽس حسن اظهر رضوي پڇاڻو ڪيو ته اهو منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيڻو هو، جنهن تي تعميراتي ڪنسورشيم جي وڪيل چيو ته 30 ارب واري منصوبي جي لاڳت 100 ارب رپين تائين پهچي وئي آهي، تعميراتي ڪنسورشيم جي وڪيل موجب منصوبو ٽيون ڀيرو تيار ڪيو پيو وڃي، اسان مليل فنڊز کان وڌيڪ ڪم ڪيو آهي، ٻوڏ سبب منصوبي ۾ دير ٿي، جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته جيڪڏهن معاهدي تي عمل نه ٿئي ته نوان اگهه گهرايا وڃن ٿا، منصوبي جي حتمي تاريخ ۽ بجيٽ جا تفصيل مشاورت کانپوءِ عدالت کي فراهم ڪريو، آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي 6 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.