پيٽرول اگهه ۾ 45 رپيا في ليٽر واڌ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان آهي، اهڙي صورتحال آءِ ايم ايف طرفان پاڪستان کان پيٽروليم شين تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳائڻ جي مطالبي کانپوءِ پيدا ٿي سگهي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ قيمتون 45 رپيا في ليٽر تائين وڌي وينديون.
ميڊيا رپورٽس موجب، آءِ ايم ايف پاڪستان جي پيٽروليم شين تي هڪ يا ٻه سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳائڻ واري تجويز رد ڪندي 18 سيڪڙو کان وڌيڪ ٽيڪس اوڳاڙڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.
ذريعن موجب، حڪومت في الحال آءِ ايم ايف جي مطالبي تي عملدرآمد کان پاسو ڪيو آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف جي موقف برائون ريفائنري پاليسي 2023 تحت 5-6 بلين ڊالر اپ گريڊ منصوبن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.