اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ نون جي سينيئر اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته ” خان ناهي ته پاڪستان ناهي“ جو نعرو سائفر واري آمريڪا کان ٿيندو مڪي ۽ مديني جي مقدس سرزمين تائين اچي پهتو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ سينيٽر عرفان صديقي چيو ته ” مڪمل تياري ۽ سوچي سمجهيل منصوبي تحت بشريٰ بي بي جيڪو ڪيو، ان جو مثال پي ٽي آءِ جي وڳوڙي سياست جي تاريخ ۾ ڪٿي نه ٿو ملي.
هن چيو ته دوست ملڪن کي ناراض ڪري پاڪستان کان پري ڪرڻ عمران خان جي سياست جي خاصيت رهي آهي،” خان ناهي ته پاڪستان ناهي“ جو نعرو سائفر واري آمريڪا کان ٿيندو مڪي ۽ مديني جي مقدس سرزمين تائين اچي پهتو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پيرين اگهاڙي ۽ مديني جي نالي تي ماڻهن جي مذهبي جذبن سان کيڏندي اِهو به نه سوچيو ويو ته هڪ عظيم دوست، اسلامي ملڪ تي ڪيترو ڪِريل ۽ چرڏياريندڙ الزام مڙهيو پيو وڃي.
” خان ناهي ته پاڪستان ناهي“ جو نعرو آمريڪا کان ٿيندو مقدس سرزمين پهچي ويو: عرفان صديقي
Next Post
You might also like