بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين سولر پئنل جي مينوفيڪچرنگ لاءِ سيڙپڪاري جي طريقيڪار ۾ سختي ۽ حڪومت طرفان سولر پئنل انڊسٽري لاءِ برآمدي ٽئڪس چوٽ ۾ لاٿ ( ري بيٽ ) واري فيصلي سان نومبر کانپوءِ سولر پئنل جي مهانگي ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي، جنهن جو اثر پاڪستان ۾ امڪاني طور تي سولر پئنلز جي قيمتن ۾ واڌ جي صورت ۾ سامهون اچي سگهي ٿو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، چين جي صنعت واري وزارت هڪ نوٽيس جاري ڪيو جنهن ۾ سولر پئنل جي تياري ڪندڙ ادارن لاءِ سيڙپڪاري جي طريقيڪار کي سخت ڪيو ويو آهي ته جيئن گنجائش کان وڌيڪ سولر پئنلز جي تياري روڪي سگهجي.
نون ظابطن موجب، ڪمپنين کي سولر پئنلز لاءِ گھٽ ۾ گهٽ سيڙپڪاري جو تناسب 30 سيڪڙو تائين يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ان کان اڳ اِهو معيار رڳو پولي سيليڪون مينوفيڪچرنگ پروجيڪٽس تي لاڳو هوندو هو جڏهن ته ٻين سولر پئنلز پروجيڪٽس لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ويهه سيڪڙو هو.
چئني صنعت واري وزارت موجب، نون ظابطن جو مقصد سولر پئنلز انڊسٽري ۾ اَپ گريڊنگ ۽ ساختي ايڊجسٽمينٽ ڪرڻو هو.
You might also like