منهنجا سعودي سان مثالي لاڳاپا آهن، بشريٰ بي بي جو بيان ٽوڙي مروڙي هلايو ويو: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، بشريٰ بي بي جي سعودي عرب بابت بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته گهرواري واري جو بيان ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ پي ٽي آءِ باني چيو ته 24 نومبر غلاميءَ کان ڇوٽڪاري جو ڏينهن آهي، ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني، آئين جي پاسداري ۽ انساني حق معطل آهن، جنهن ڪري پوري قوم جو ٻاهر نڪري قرباني ڏيڻ اڻٽر ٿي چڪو آهي.
هن چيو ته قوم کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته بهادر شاهه ظفر وانگر موت تائين غلاميءَ جو طوق پائڻو آهي يا ٽيپو سلطان جيان مرڻ گهڙيءَ تائين آزادي جو تاج پائڻو آهي!
عمران خان چيو ته سعودي عرب سان سندس مثالي لاڳاپا آهن، جڏهن وزير آباد ۾ مٿس قاتلاڻو حملو ٿيو هو تڏهن سڀ کان پهرين ڪال سفارتخاني ذريعي ولي عهد محمد بن سلمان جي آئي.
هن چيو ته سندس حڪومتي دور ۾ محمد بن سلمان پاڪستان جو تاريخي دورو ڪيو، حڪومت جي خاتمي کان ٻه هفتا اڳ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس اسلام آباد ۾ ٿي جيڪا سعودي عرب کانسواءِ ناممڪن هئي، سعودي عرب هر مشڪل مرحلي ۾ اسان سان گڏ بيٺو رهيو.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته بشريٰ بي بي جي بيان کي ٽوڙي مروڙي قوم جو ڌيان ڀٽڪائڻ جي ناڪام ڪوشش نه ڪئي وڃي، هن سعودي عرب جو نالو ناهي کنيو.
هن چيو ته سندس حڪومت خلاف سازشن ۾ جنرل(ر) باجوا ملوث هو، چيف جسٽس ۽ جنرل طارق خان ذريعي سازش جي جاچ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر جنرل باجوا ائين ٿيڻ نه ڏنو جيڪڏهن تڏهن شفاف جاچ ٿئي ها ته سچ سامهون اچي ها.
عمران خان چيو ته بشريٰ بي بي جو سياست سان جو واسطو ناهي، گهرواري طور هن احتجاجي ڪال بابت قوم تائين سندس پيغام پهچايو، نواز شريف لاءِ مشرف دور ۾ ڪلثوم نواز نب نڪتي هئي پر هن ( مشرف ) ڊڪٽيٽر هوندي به عورتن کي جيل ۾ نه بند نه ڪيو جڏهن ته بشريٰ بي بي کي نوَ مهينا ڪوڙن ڪيسن ۾ قيد جي سزا ڏني وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.