اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي اي چيئرمين حفيظ الرحمان چيو آهي ته ملڪ ۾ وي پي اين بلاڪ ڪرڻ جو تاثر درست ناهي.
اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي حفيظ الرحمان چيو ته ملڪ جو آئين اظهار جي آزادي جي ڳالهه ڪري ٿو پر آرٽيڪل 19 ۾ سماجي ۽ ثقافتي حدون به مقرر ڪيون ويون آهن.
هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي حدن جو خيال رکڻ ضروري آهي، خطي ۾ انٽرنيٽ بندش جي ملڪن ۾ پاڪستان جو نمبر گهڻو پوئتي آهي.
سندس چوڻ هو ته مختلف ملڪن ۾ وي پي اين کي ريگوليٽ ڪيو ويندو آهي، اسان ڊسمبر 2010 ۾ پهريون وي پي اين رجسٽرڊ ڪيو هو، وي پي اين جي رجسٽريشن لاءِ 15 سال ڏئي چڪا آهيون.
Prev Post
You might also like