آمريڪا سلامتي ڪائونسل ۾ غزا جنگ بندي بابت ٺهراءُ ويٽو ڪري ڇڏيو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غزا جنگ بندي جي ٺهراءَ کي آمريڪا ويٽو ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب،آمريڪا پهريان به ٽي ڀيرا غزا جنگ بندي جي ٺهرائن کي ويٽو ڪري چڪو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آحي ته غزا ۾ غير مشروط جنگ بندي جي حق ۾ 14 ۽ مخالفت ۾ هڪ ووٽ آيو.
ٻئي پاسي گڏيل قومن جي سڪيورٽي ڪائونسل ۾ آمريڪا طرفان غزا جنگ بندي بابت ٺهراءُ ويٽو ڪرڻ تي حماس جو رد عمل سامهون اچي ويو.
فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جنگ بندي جو ٺهراءُ ويٽو ٿيڻ کانپوءِ آمريڪا تي غزا ۾ اسرائيل جي ”نسل ڪشي جي جنگ” ۾ “سڌيءَ ريت ذميوار“ قرار ڏئي ڇڏيو.
حماس جو چوڻ آهي ته غزا تي اسرائيلي جارحيت ۾ آمريڪا سڌيءَ ريت مليل آهي.
مزاحمتي تنظيم هڪ بيان ۾ چيو ته آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر ظاهر ڪري ٿو ته هو سندن ماڻهن خلاف جارحيت ۾ سڌو سنئون ڀائيوار آهي.
هوڏانهن طرف فلسطين به جنگ بندي جي تازي ٺهراءُ ۾ ناڪاميءَ تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي تنقيد جو نشانو بڻايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.