ٻارن جي اغوا بابت ڪيس ۾ سمورا آءِ جيز ۽ گهرو سيڪريٽري سپريم ڪورٽ طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بئنچ ٻارن جي اغوا بابت ڪيس دوران ڪوئيٽا مان نينگر جي اغوا جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ آئيني بئنچ سڄي ملڪ مان لاپتا ٻارن بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندو خيل رمارڪس ڏنا ته ڪوئيٽا مان 6 ڏينهن کان هڪ ٻارڙو اغوا آهي جيڪو بازياب ناهي ٿي سگهيو ، احتجاج سبب سڄو ڪوئيٽا جام ٿي چڪو آهي حڪومت کي پرواهه ئي ناهي، ڪوئيٽا ۾ اسڪولي ٻار به احتجاجي جلوس ڪڍيا آهن.
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ڇا ڪنهن صوبي ۾ ڪو ادارو يا ڪميشن آهي جيڪو اغوا ٿيندڙ ٻارن تي ڪم ڪري رهيو هجي؟ ارڙهين ترميم کانپوءِ صوبن وٽ اختيار آهن.
جسٽس مسرت هلالي جو چوڻ هو ته ٻارن جو اغوا ٿيڻ اهم مسئلو آهي جنهن تي سرڪاري وڪيلن جي تياري اڻپوري آهي.
جسٽس مندوخيل وڌيڪ رمارڪس ڏنا ته ڪيس 2018 کان هلي رهيو آهي پر ٻار اڃا تائين اغوا ٿي رهيا آهن، هر ٻيو ڪيس اغوا جو اچي ٿو، سپريم ڪورٽ ٻارن جي اغوا تي ڪميٽي جوڙي جنهن اڄ تائين ڪم ناهي ڪيو، جنهن تي درخواست گذار چيو ته سپريم ڪورٽ جي ڪميٽي اڄ تائين ٺهي ئي ناهي.
ٻڌڻي دوران بلوچستان جي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته عدالت ۾ ٻارن جي اغوا تي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏيا ٿو، جنهن تي جسٽس محمد علي مظهر چيو ته هنن کي رپورٽ نه گهرجي، ٻارن جي اغوا جو تدارڪ گهرجي، عمل گهرجي.
جسٽس امين الدين چيو ته ڪيترا ٻار اغوا ٿيا؟ ڪيترا بازياب؟ عدالت کي تفصيلي رپورٽ گهرجي.
جسٽس اظهر رمارڪس ڏنا ته ٻار ڪراچيءَ جي ٽريفڪ سگنلز تي پني رهيا آهن، جنهن تي جسٽس امين الدين چيو ته هاڻي اسان عالمي سطح تي پينو فقير اُماڻي رهيا آهيون، ٻاهرين ملڪ پينو فقيرن جو وڃڻ ڪيتري نه شرم جوڳي ڳالهه آهي.
بعد ۾ عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سمورن آءِ جيز ۽ گهرو سيڪريٽري کي طلب ڪندي ٻڌڻي 28 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.