عمران آزاديءَ جي اميد نه رکي، سندس مشڪل وڌڻ واري آهي: فيصل واوڊا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر فيصل واوڊا دعويٰ ڪئي آهي ته آزاديءَ بدران پي ٽي آءِ باني جي ڏکيائين ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي فيصل واوڊا چيو ته پي ٽي آءِ باني جي آزادي جي اميد نه رکو، آزادي بدران سندس مشڪل ۾ وڌيڪ اضافو ٿيڻ وارو آهي.
هن چيوته عمران خان سان ملاقاتون ڪندڙ ڪمپرومائزڊ آهن، رڳو پرفارمنس ڏئي رهيا آهن،جيڪڏهن پرفارمنس پوري نه ٿي ته هو جيل وڃي سگهن ٿا.
فيصل واوڊا چيو ته ايپڪس ڪميٽي ۾ آرمي چيف چيو ته هو احتجاج ۽ تشدد ۾ فرق ڄاڻي ٿو، آرمي چيف جي اِها ڳالهه پنچ لائين آهي.
اڳوڻي وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته جيل علي امين گنڊاپور جي مرضي کلي رهيا آهن، سندس اچ وڃ لڳي پئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.