پنج سالا اليڪٽرڪ وهيڪلز پاليسي جاري، سيڙپڪارن کي پرڪشش مراعتون ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت ايندڙ پنج سالن لاءِ اليڪٽرڪ وهيڪلز پاليسي 2025-30 جاري ڪري ڇڏي، نئين پاليسي تحت سيڙپڪاري تي پرڪشش مراعتون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پاڪستان ۾ 2030 تائين 30 سيڪڙو اليڪٽرڪ گاڏيون هلائڻ جو هدف آهي، سال 2040 تائين اليڪٽرڪ گاڏين جو مجموعي هدف 90 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي، شروعاتي پنجن سالن دوران 3 ارب رپيا سيڙپڪاري تي مراعتون ڏنيون وينديون.

سيڙپڪاري ڪندڙ ڪمپنين کي پنجاهه سال رعايتي ليز تي ايراضي ڏني ويندي، مخصوص پارٽس درآمد ڪرڻ تي هڪ سيڪڙو ڪسٽمز ڊيوٽي لاڳو ڪئي ويندي، ملڪ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين سان 2064 تائين ڊرآمدي بل ۾ 60 ارب ڊالرز جي گهٽتائي ٿيندي.

صنعت واري وفاقي وزير راڻا تنويز حسين چيو ته غير مقامي پارٽس تي 15 سيڪڙو ڪسٽمز ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي، نئين پنج سالا اليڪٽرڪ وهيڪلز ( اي سي ) پاليسي 2025-30 جو مسودو سمورين ڀائيوارن جي مشاورت سان تيار ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف طرفان اليڪٽرڪ وهيڪل متعارف ڪرائڻ لاءِ اعليٰ سطحي اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي وئي ته جيئن اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي، ڪوشش آهي ڪمپنين کي وڌيڪ مراعتون ڏيون ته جيئن اليڪٽرڪ وهيڪل جي پيداوار وڌي، ايندڙ سال کان ملڪ ۾ فور ويل اليڪٽرڪ وهيڪلز ٺهڻ شروع ٿينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.