اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد انتظاميا پي ٽي آءِ جي احتجاج کي روڪڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون.
اسلام آباد پوليس جي وڏي نفري جي موجودگيءَ ۾ ڊي چوڪ کي سيل ڪرڻ جو عمل جاري آهي ۽ سڄي ملڪ مان اٺ هزار واڌو پوليس اهلڪار طلب ڪيا ويا آهن.
پنجاب ۾ ڏهه هزار کان وڌيڪ اهلڪار اسٽيڊ باءِ تي آهن جڏهن ته مري ۾ ست ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي جنهن تحت هر قسم جي ميڙاڪي، ريلين ۽ جلوسن تي بندش هوندي.
ٻئي پاسي قائد اعظم يونيورسٽي 22 کان 25 نومبر تائين بند رهندي.
You might also like