فخر زمان جي ٽيم ۾ واپسي ٿيندي؟ هيڊ ڪوچ ٻڌائي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ ) قومي وائيٽ بال ٽيم جي عارضي هيڊ ڪوچ عاقب جاويد فخر زمان کي واريئر قرار ڏيندي چيو آهي ته هو جيئن ئي فٽ ٿيندو کيس ٽيم ۾ شامل ڪيو ويندو.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عاقب جاويد چيو ته فخر زمان جيئن ئي فٽنس مسئلن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺندو کيس ٽيم ۾ شامل ڪيو ويندو، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو هڪ ميچ واريئر آهي.
هيڊ ڪوچ چيو ته ڪوچنگ سندس لاءِ نئين ڳالهه نه آهي، هو 22 ورهين کان ان شعبي سان واڳيل آهي، ٻٽي ڪردار سبب ڪو مسئلو نه ٿيندو، سليڪشن ڪميٽي ۾ پهريان ذميواري ملي، سليڪشن بابت هاڪاري نتيجا سامهون آيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.