حڪومت جو 23 نومبر کان انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس بند ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت 23 نومبر کان وفاقي راڄڌاني اسلام آباد، ڪي پي ۽ پنجاب ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، اسلام آباد، خيبرپختونخوا ۽ پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس معطل ڪئي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي اي طرفان 22 نومبر کان موبائيل انٽرنيٽ سروس تي فائر وال ايڪٽو ڪئي ويندي، فائر وال ايڪٽو ٿيڻ سان انٽرنيٽ سروس سست ۽ سوشل ميڊيا ايپز تي وڊيو توڙي آڊيو ڊائون لوڊ نه ٿي سگهنديون.
ذريعن موجب، صورتحال کي ڏسندي ڪنهن به وقت مخصوص هنڌن تي انٽرنيٽ ۽ موبائل فون سروس معطل ڪري سگهجي ٿي.
ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان 24 نومبر تي اسلام آباد ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آهي، ان حوالي سان پي ٽي آءِ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته احتجاج جي تياريون ڀرپور طريقي سان جاري آهن ۽ هن دفعي سمورن مطالبن جي منظوري تائين احتجاج ختم نه ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.