صوابي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر، علي امين گنڊاپور سان ڳالهين لاءِ رابطي جي تصديق ڪري ڇڏي.
صوابي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته 24 نومبر واري احتجاج لاءِ هنن حڪمت عملي تبديل ڪئي آهي، پشاور، مردان، چارسده ۽ نوشهرا جا ڪارڪن صوابي کان اسلام آباد ويندا، ٻين ضلعن جا ڪارڪن مختلف روٽس ذريعي اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪندا.
هن چيو ته علي امين گنڊاپور سان ڳالهين لاءِ رابطو ٿيو آهي ۽ اهم ڳالهه اِها آهي ته عمران خان، علي امين کي ڳالهين جي اجازت ڏني آهي، هاڻي ڏسڻو آهي ته حڪومت ڪيتري سنجيدگيءَ سان ان ايجنڊا کي اڳتي وڌائي ٿي.
اسد قيصر جو چوڻ هوته بشريٰ بي بي غير سياسي عورت آهي، جيڪي حڪم ۽ هدايتون ملنديون آهن اُهي رڳو پي ٽي آءِ باني وٽان ملنديون آهن، اوهان اسان کي ڀت سان لڳائيندئو ته احتجاج کانسواءِ اسان وٽ ٻيو ڪهڙو رستو بچي ٿو؟
قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر وڌيڪ چيو ته هو سمجهن ٿا ته ملڪ ۾ استحڪام اچڻ گهرجي، هن وقت ملڪ ۾ امن امان جي چئيلنجنگ صورتحال آهي.
You might also like