پي ٽي آءِ جو احتجاج روڪڻ جون تياريون، پوليس جي واڌو نفري اسلام آباد طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد انتظاميا پي ٽي آءِ جي احتجاج کي روڪڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون.
اسلام آباد پوليس جي وڏي نفري جي موجودگيءَ ۾ ڊي چوڪ کي سيل ڪرڻ جو عمل جاري آهي ۽ سڄي ملڪ مان اٺ هزار واڌو پوليس اهلڪار طلب ڪيا ويا آهن.
پنجاب ۾ ڏهه هزار کان وڌيڪ اهلڪار اسٽيڊ باءِ تي آهن جڏهن ته مري ۾ ست ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي جنهن تحت هر قسم جي ميڙاڪي، ريلين ۽ جلوسن تي بندش هوندي.
ٻئي پاسي قائد اعظم يونيورسٽي 22 کان 25 نومبر تائين بند رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.