ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر). سنڌ جي يونيورسٽين جي تعليمي ماهرن ، پروفيسرن ۽ سول سوسائٽي سان لاڳاپيل فردن سنڌ اندر صوفي فڪر جي نصاب کي اسڪولن، ڪاليج ۽ يونيورسٽي سطح تائين نصاب ۾ شامل ڪري صوفي تعليم ۽ نصاب کي نوڪرين، وڻج واپار جو ذريعو بڻائڻ، اقتصادي ترقي، انساني حقن جي تحفظ ، امن، رواداري جو ماحول پيدا ڪرڻ ، ماحولياتي تبديلين جي تباهين کي گهٽائڻ، آرٽ، فن، ادب، مصوري، ٽيڪسٽائل ڊزائين ۾ نواڻ آڻڻ جو ذريعو بڻائڻ جي گهر ڪندي چيو آهي ته صوفي فڪر ۽ ان جي جديد نصاب جي جوڙجڪ وسيلي انساني بقا ۽ قدرتي ماحوليات جي واپسي، موسمي تبديلين تي ڪنٽرول ڪري زراعت جي زندگيءَ وسيلي خوشحالي ۽ بهتر صحت حاصل ڪري سگهجي ٿي. اها ڳالهه ڪالهه شام جو ” سينٽر آف ناليج ڊولپمينٽ” طرفان سنڌ حڪومت جي سهڪار سان ” جديد صوفي نصاب مرتب ڪرڻ” جي موضوع تي ٿيل هڪ سيمينار ۾ تقريرون ڪندي ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار سرفراز راڄڙ چيو ته صدر آصف علي زرداري پنهنجي گذريل حڪومت ۾ سنڌ ۾ صوفي يونيورسٽي کولڻ جو مقصد رکيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ڀٽ شاهه ۾ صوفي يونيورسٽي کولي وئي ۽ اهو شهيد بينظير ڀٽو جو به خواب هو، اميد ته ڀٽ شاهه جي صوفي يونيورسٽي پنهنجو بهتر ڪردار ادا ڪندي رهندي، ناليج بيسڊ سوسائٽي جي باني ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر پريم مٿراڻي چيو ته سنڌ صوفي فڪر سان مالا مال آهي، صوفي فڪر جي نصاب کي جديد طريقي سان ترتيب ڏئي صوفي تعليم حاصل ڪندڙن کي نوڪريون حاصل ڪرڻ ، وڻج واپار ڪري ذاتي، سماجي ۽ ملڪي خوشحالي حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻائي سگهجي ٿو، صوفي نصاب جي جديد انداز ۾ جڙيل نصاب وسيلي صوفي فڪر کي ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، فن، ادب، موسيقي، آرٽ ۽ سماجي سائنس جي شعبن سان جوڙي صوفي فڪر جي تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد نوڪرين حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ عالمي ادارن ۾ اسڪالر شپون به حاصل ڪري سگهن ٿا، هن چيو ته صوفي فڪر حساب جي نصاب جو به حصو آهي ۽ ان کي آرٽ، فن، پينٽنگ، موسيقي، فلسفي، ٽيڪسٽائل ڊزائين جو ذريعو بڻائي روزگار جا دروازا کولي سگهجن ٿا، ان فڪر جي جديد نصاب وسيلي ڏاهپ ۽ سماجي سائنس جو حصو آهي، سنڌ ۾ شاھ لطيف عظيم صوفي شاعر ۽ فلاسافر هو ، ليکڪ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته تصوف جو نصاب جديد بنيادن تي ٺاهڻ سان گڏ صوفي يا ٻي تعليم ڪيئن پڙهائجي، اهو فن ۽ طريقو به سکڻ گهرجي، اشوڪ اعظم کي بادشاھ مان ڀڪشو بڻائڻ وارو ڀڪشو هڪ سنڌي هو، پروفيسر تهمينه مفتي چيو ته شاگردن کي صوفي فڪر جي تعليم اسڪول جي سطح کان شروع ڪرڻ گهرجي، جيئن نئون نسل پنهنجي صوفي ورثي کان لاتعلق نه ٿي سگهي. پروفيسر انتخاب الفت چيو ته صوفي نصاب ٻي تعليمي نصاب وانگر اهم آهي ۽ آئن سٽائن به صوفي هو. ڊاڪٽر ظفر جوڻيجو چيو ته ڀٽ شاهه صوفي يونيورسٽي ۾ صوفي فڪر جي 10 ڪورسن جي تعليم هلي رهي آهي ۽ اڃان وڌيڪ ان تي ڪم جاري آهي، ٽيڪنالاجي، اينٿراپالاجي، سائنس ۾ انهن جا طئي ٿيل طريقا استعمال ڪيا ويندا.. ان موقعي تي ڊاڪٽر اقبال ميمڻ، پروفيسر شير مهراڻي، پروفيسر سوڀيا سانگي، پروفيسر نويد سنديلو، پروفيسر شازيه ابڙو، پروفيسر سردار شاهه، رفيق وساڻ پروفيسر ڦلو مل مينگهواڙ پروفيسر علي مراد لنجواڻي، پروفيسر ڪاشف ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته اڄڪلهه جي سماج کي امن، رواداري، سهپ پيدا ڪرڻ لاءِ صوفي فڪر جي وڏي ضرورت آهي، ان جي تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ اسڪولن کان يونيورسٽي سطح تائين پڙهائڻ لاءِ صوفي نصاب کي جديد انداز ۾ مرتب ڪرڻ لاءِ سرڪاري ۽ نجي سطح تي ڪم ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ لطيف، سچل، سامي ۽ ٻين صوفي شاعرن ۽ عالمن جي صوفي فڪر جي ڄاڻو ماهرن کي اڳتي وڌي پيش قدمي ڪرڻ گهرجي.سيمينار ۾ روزاني عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر کاٻي ڌر جي اڳوڻي شاگرد رهنما ڊاڪٽر جبار خٽڪ، ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري موجود رهيا. پروفيسر سعيد منگي ميزباني جا فرض ادا ڪيا.