عام شهرين جو فوجي ٽرائل، جسٽس عائشه ملڪ کي آئيني بينچ کان ڌار ڪيو ويو

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين جي صدارت هيٺ آئيني بئنچ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ التوا وارين اپيلن کي اڪلائڻ لاءِ ڪيسن کي ورهائڻ جي هدايت ڪئي وئي، اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل پڌرائي موجب اجلاس ۾ جسٽس جمال مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر ۽ رجسٽرار سپريم ڪورٽ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ آئيني بئنچ جي ڪارڪردگي ۽ شفافيت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدمن تي غور ڪيو ويو، جاري ڪيل پڌرائي موجب اجلاس ۾ ڪميٽي جي هر ميمبر آڏو روزانو5 چيمبر اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان سان گڏوگڏ عدالتي معاملن ۾ مدد لاءِ آئيني بينچ کي هڪ سول جج فراهم ڪرڻ جي به سفارش ڪئي وئي، ان کان سواءِ فوجي عدالتن بابت اپيلن تي آئيني بئنچ جوڙڻ جي معاملي تي جڊيشل ڪميشن سان رجوع ڪرڻ  جو فيصلو ڪيو ويو، بيان موجب جسٽس عائشه ملڪ جي انٽرا ڪورٽ اپيل ۾ 7 رڪني بينچ ۾ شامل هجڻ سبب جڊيشل ڪميشن سان رابطو ڪيو ويو،  جسٽس عائشه ملڪ عام شهرين جي فوجي ٽرائل بابت اپيلن جي ٻڌڻي دوران آئيني بينچ جو حصو نه ٿي سگهي ٿي، جنهن جو فيصلو 7 رڪني بينچ ڪيو، بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪميٽي آرٽيڪل A191 تحت آئيني ڪيسن لاءِ وقف برانچ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪيسن جي پراسيسنگ کي يقيني بڻائڻ لاءِ مناسب اسٽاف مقرر ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.