اسلام آباد(سهيل وڙائچ+عمر چيما)پي ٽي آءِ عمران خان ماضي ۾ به سمجهوتا ڪندو رهيو آهي ۽ اڳتي به ڪندو رهندو،هو پاڻ يوٽرن وٺڻ کي سٺي ڳالهه چوندو رهيو آهي، اسٽيبلشمينٽ جو مسئلو اهو آهي ته ان کي ملڪ ۾ سياسي استحڪام کپي،معاشي ميدان تي ڪاميابيون ملي رهيون آهن،عمران خان کي مارڻ،سزا ڏيڻ يا احتجاج مسئلي جو حل ناهي، ڳالهيون ته ضرور ٿيڻيون آهن، اسٽبيلشمينٽ عمران خان کي بني گالا ۾ نظربند ڪرڻ جي حد تائين ”ڍر“ ضرور ڏئي ڇڏيندي،ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ کي ٻه ڀيرا آڇ به ڪئي وئي آهي،گذريل ڀيري به عمران خان سان راند کيڏي ڳالهين ذريعي احتجاج ملتوي ڪرايو ويو ٿي سگهي ٿو هن ڀيري به هن سان اهڙي راند ڪئي وڃي پر ان کانپوءِ به نظام کي ته هلائڻو آهي،جڏهن ته عمران خان کي نظربندي لاءِ ضمانت ته ورتي ويندي،نئين اليڪشن لاءِ ٿي سگهي ٿو ته ٻن سالن لاءِ ڪا قومي حڪومت جوڙي وڃي،ان تجويز لاءِ پي ٽي آءِ اندر حمايت موجود آهي،عمران خان آڏو به اها تجويز بحث هيٺ اچي چڪي آهي،خان صاحب ان تجويز جي مخالفت ناهي ڪئي،ڳالهيون ٻنهي ڌرين جي ضرورت آهن،عمران خان وقت گذرڻ سان گڏ جارحاڻو ٿيندو پيو وڃي، اسٽيبلشمينٽ به انتظار ڪري رهي آهي ته معيشت ڪڏهن ٿي بهتر ٿئي جيئن عمران خان اڻ لاڳاپيل ٿي وڃي ۽ اسان ڳالهين دوران عمران خان جي بليڪ ميلنگ ۾ نه اچي ڪجهه شرط مڃائي وٺون.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 21 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو