حيدرآباد/ڀٽ شاهه/ ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ رواداري ڪميٽي جي سڏ تي 23 نومبر تي حيدرآباد ۾ رٿيل “رواداري ۽ سنڌو درياهه بچايو” مارچ جي جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ سياسي ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن، ليکڪن، عورت اڳواڻن، صحافين ۽ ساڃاهه وندن ڪالهه المنظر سنڌو درياهه تي پهچي درياهه کي گلن جي ڀيٽا پيش ڪري قافلي جي صورت ۾ ڀٽ شاهه پهچي لطيف جي درگاهه تي حاضري ڀري. سنڌوءَ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ وقت ”ڪئنال سمورا نامنظور، ڊيم سمورا نامنظور، درياهه خاطر جهيڙو آ، پاڻيءَ خاطر جهيڙو آ، لطيف جي ڌرتي، امن ٿي چاهي ۽ امن جي ڌرتي، امن ٿي چاهي” جهڙا نعرا هنيا ويا. يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو، وومين ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي اڳواڻ عاليا بخشل، انساني حقن جي تنظيم ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ قاضي خضر، پروفيسر امداد چانڊيو، پنهل ساريو، ڊاڪٽر خوشحال داس ڪالاڻي، ڊاڪٽر حميد سومرو، پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو، فوزيه سينگار، پشپا ڪماري، ماروي اعواڻ، ايڇ يو جي، جي صدر سينيئر صحافي اقبال ملاح، حمز علي چانڊيو، ظفر هڪڙو، اشوڪ راماڻي، غفرانه آرائين، ماروي لطيفي، انيل حب علي، ڪامران سهتو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري درياهه ۾ گل ڇٽيا. ان موقعي تي سنڌو نواز گهانگهرو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياهه مٿان ڪئنال ڪڍي درياهه کسڻ جي سازش ٿي رهي آهي. گرين پاڪستان انيشيٽو جي نالي تي پنجاب کي وڌيڪ زرخير ڪري سنڌ کي بنجر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌو درياهه اسان جو جياپو آهي ۽ جياپي جي لاءِ سنڌ جا ماڻهو آخري دم تائين مزاحمت ڪندا. هن چيو ته 23 نومبر تي حيدرآباد ۾ رواداري ۽ سنڌو درياهه بچايو مارچ ڪري دنيا کي اهو پيغام ڏينداسين ته سنڌ پنهنجي سڃاڻپ تان ڪڏهن به هٿ نه کڻندي، عاليا بخشل چيو ته سنڌو درياهه اسان جي جياپي جي ضمانت آهي، حڪمران سنڌو درياهه کي اڳ ئي گندو پاڻي ۽ ڪچرو ڇڏي گدلو ڪري چڪا آهن، هاڻ وري نوان ڪئنال ڪڍي سنڌو درياهه کي مڪمل ختم ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي پئي وڃي، اسان سنڌو درياهه سڪائڻ نه ڏينداسين، حڪمران سمجهن ٿا ته آمريتي ترميمون ڪري هو سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍندا ۽ سنڌ جا ماڻهو خاموش ٿي ويٺا هوندا ته اهو ممڪن ناهي، حڪمرانن جي اها ڀل آهي، سنڌ مزاحمت ڪندي. ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ قاضي خضر چيو ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ وارو فيصلو ملڪ دشمني آهي، حڪمران ڌريون ٻين تي ملڪ دشمني جا الزام هڻنديون آهن پر حقيقت اها آهي ته سڀ کان وڌيڪ ملڪ دشمن فيصلا انهن ئي ڪيا آهن. هن چيو ته سنڌو درياهه جي پاڻي خاطر سنڌ جا ماڻهو روڊن تي نڪري چڪا آهن، سنڌ ڪڏهن به سنڌو درياهه جي پاڻي تي قبضو ٿيڻ نه ڏيندي. پنهل ساريو چيو ته سنڌو درياهه سان 47ع کان هاڃان ٿيندا پيا اچن، سنڌو درياهه جو پاڻي ائين ئي گم ٿيندو رهيو آهي جيئن اسان جا ماڻهو گم ٿي رهيا آهن. تقريب ۾ فوزيه سينگار ۽ عاليا بخشل “وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو” ۽ “ سنڌ اوچي آ، سنڌ اوچي آ” گيت چئي سنڌ ۽ سنڌو درياهه سان محبت جو اظهار ڪيو ۽ بعد ۾ هنن شاهه لطيف جي درياهه ۽ شيخ اياز جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي.