عمران خان آڏو موجوده سيٽ اپ قبولڻ جو شرط؟

اسلام آباد(ابصار عالم)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي سان عمران خان جو  حڪومت سان ڳالهين وارو هٿ مضبوط ٿيو آهي،24 نومبر تي احتجاج وارو سڏ ملتوي ٿي سگهي ٿو،25 تاريخ تي بيلاروس جو صدر اچي رهيو آهي،ان سان گهڻا معاهدا ٿيڻا آهن،عمران خان جي ٽيم کي به خبر آهي ته اسان ايترا ماڻهو نٿا گڏ ڪري سگهون،فنڊن جي به کوٽ آهي،ڪي پي سرڪار جو پئسو استعمال ٿي رهيو آهي،اسلام آباد انتظاميا ڪنٽينر رکي روڊ بند ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن،جڏهن ته 190 ملين پائونڊ واري ڪيس ۾ بشريٰ بي بي ٽيون ڀيرو عدالت پاران گهرائڻ باوجود پيش نه ٿي،عدالت کيس 2 ڏينهن کانپوءِ وري گهرايو آهي،اهو ڪيس تمام اهم آهي،هر ڪيس وانگر حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جو موقف هوندو آهي ته فلاڻي ڪيس ۾ عمران خان جي سزا پڪي آهي پر اها سزا هيل تائين ممڪن نه ٿي سگهي آهي،سزا ملي به آهي ته ان ۾ ضمانت ملي وئي آهي،عمران خان چاهي ٿو ته 190 ملين پائونڊ واري ڪيس جي فيصلي کان اڳ جيل کان ٻاهر اچي وڃي،پي ٽي آءِ پاران آمريڪا ۾  ڪيترن ئي شهرن ۽ اولهه جي 23 ملڪن ۾ عمران خان جي آزادي لاءِ 24 نومبر تي احتجاج جون تياريون هلي رهيون آهن، ناروي، اٽلي، آسٽريليا، نيوزيلينڊ، بيلجيئم، اسپين، جاپان، هالينڊ، جرمني، فرانس،ڏکڻ ڪوريا شامل آهن،پي ٽي آءِ وڏي پئماني تي عالمگير پلاننگ ڪئي آهي،عمران خان هيل تائين ٻاهرين ملڪ وڃڻ کان انڪار ڪيو آهي،ان ڳالهه ئي کيس گهڻو مقبول بڻايو آهي،ٻيو ته اسٽيبلشمينٽ به سمجهي ٿي ته جيڪڏهن عمران ٻاهر ويو ته اتي اسان لاءِ ۽ هائبرڊ نظام لاءِ وڌيڪ مشڪلات پيدا ڪري سگهي ٿو،ڳالهين دوران عمران خان کي چيو ويندو ته موجوده سيٽ اپ کي قبول ڪريو باقي مينڊيٽ جي واپسي لاءِ عدالتن سان رابطو ڪريو،جڏهن ته 26هين ترميم واپس ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي،ان معاملي تي هن جا اتحادي جي يو آءِ ۽ پشتونخوا ميپ ساڻس گڏ ناهن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 21 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.