اڳواڻن پاران احتجاج ملتوي ڪرڻ جي درخواست، عمران جي ڳالهين لاءِ اڳڀرائي جي هدايت

راولپنڊي (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادت عمران خان کان 24 نومبر واري احتجاج جو سڏ واپس وٺڻ جي درخواست ڪري ڇڏي. ذريعن موجب، پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ٿيل ملاقات ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر ۽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي ڳالهين ۾ اڳڀرائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته بئرسٽر گوهر ۽ علي امين گنڊاپور 24 نومبر واري احتجاج جو سڏ واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي. بئريسٽر گوهر جو موقف هو ته احتجاج سبب ملڪي معيشت کي نقصان ٿيندو، حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. ذريعن جو چوڻ آهي ته بئريسٽر گوهر چيو ته جيترو ڪريڪ ڊائون ٿي رهيو آهي گهڻا ڪارڪن گڏ نه ڪري سگهنداسين، ڪريڪ ڊائون ۽ ملڪ جي مفاد ۾ احتجاج جو سڏو واپس وٺڻ گهرجي. بئريسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته ٿڌ سبب ورڪرن کي ڌرڻي ۾ ويهارڻ ۾ مشڪل پيش اچي سگهي ٿي. ذريعن موجب، بئريسٽر گوهر، عاطف خان ۽ علي امين جي جهيڙي جي تفصيل بابت به عمران خان کي آگاهه ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ کي درخواست لاءِ علي امين گنڊاپور کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي جڏهن ته حڪومتي شخصيتن سان رابطن لاءِ بئريسٽر گوهر کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. هوڏانهن  پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ پارٽي اڳواڻن جي ملاقاتن ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. ذريعن موجب، بئريسٽر گوهر ۽ علي امين گنڊاپور گذريل ڏينهن ڳالهين جو پروپوزل کڻي اڊيالا جيل پهتا هئا جتي پي ٽي آءِ باني پروپوزل ۾ شامل ڪجهه شين تي اعتراض واريو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني ڳالهين جي پروپوزل تي وڌيڪ ڳالهه ٻولهه لاءِ وقت گهريو، ڳالهيون اڳتي وڌائڻ لاءِ عمران خان ٻنهي اڳواڻن کي گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب، اڄوڪي ملاقات ۾ پي ٽي آءِ باني کي ڳالهين ۾ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو جنهن تي هن اطمينان جو اظهار ڪيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳالهين وارو عمل شروعاتي مرحلي ۾ اتساهيندڙ آهي، جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ ڳالهين ۾ وڌيڪ اڳڀرائي کانپوءِ 24 نومبر واري احتجاج بابت فيصلو ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.