وي پي اين بابت بيان ۾ ٽائپنگ جي غلطي ٿي: علامه راغب نعيمي جا لڳاتار يوٽرن

اسلام آباد (بيورو/م ڊ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين علامه راغب نعيمي وي پي اين کي غير شرعي قرار ڏيڻ جي حوالي سان جاري ڪيل بيان تي وضاحت ڏيندي چيو آهي ته بيان ۾ ٽائپنگ جي غلطي ٿي، وي پي اين کي غير شرعي يا ناجائز قرار ناهي ڏنو. اربع جي ڏينهن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين علامه راغب نعيمي چيو ته سوشل ميڊيا جي استعمال بابت اجلاس ٿيو. هن چيو ته سوشل ميڊيا خيالن ۽ اظهار راءِ جو اثرائتو ذريعو آهي، سوشل ميڊيا کي توهينِ مذهب، توهينِ رسالت، توهينِ صاحبه ۽ اهلبيت، فرقيواريت لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سوشل ميڊيا کي انتهاپسندي، دهشتگردي لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي، ڄاڻايل ضابطن جو خيال نه رکيو ويندو ته پوءِ سوشل ميڊيا جو استعمال غير شرعي هوندو. علامه راغب نعيمي وڌيڪ چيو ته وي پي اين کي ڪنهن به غير شرعي يا ناجائز قرار ناهي ڏنو، اسان جي جاري ڪيل بيان ۾ ٽائپنگ جي غلطي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.