ايپڪس ڪميٽي ۾ گنڊاپور عمران خان جو اشو اٿاريو

اسلام آباد(اعزاز احمد+آصف بشير چوڌري+جاويد چوڌري)پي ٽي آءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ برف پگهرڻ لڳي،عمران خان پارٽي اڳواڻن کي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جي اجازت ڏئي ڇڏي،حڪومت به پي ٽي آءِ سان ڳالهين تي راضي آهي،حڪومت پي ٽي آءِ کان احتجاج ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،سوال اهو آهي ته پي ٽي آءِ کي ڇا ملندو؟اسٽيبلشمينٽ کي ته ٿي سگهي ٿو ته 24 نومبر وارو احتجاج ملتوي ڪري هاڪاري موٽ ڏني وڃي،موٽ ۾ عمران خان کي جيل مان فوري طور ته آزاد نه ڪيو ويندو،هن خلاف ڪيس عدالتن مان ئي ختم ٿيندا، عمران خان کي اڊيالا جيل مان بني گالا منتقل ڪري سگهجي ٿو يا جيل ۾ ئي وڌ کان وڌ سهولتون ملڻ جو به امڪان آهي،ذريعن موجب ٻنهي ڌرين ۾ معاملن ۾ سڌارو اچي رهيو آهي،پي ٽي آءِ يا عمران خان هاڻي اسٽيبلشمينٽ جي شخصيتن جو نالو کڻي تنقيد نٿا ڪن، جڏهن ته 24 نومبر تي رٿيل احتجاج جي مطالبن ۾ آرمي چيف کي مدي ۾ واڌ خلاف به ڪو موقف ناهي ڏنو ويو،ٻئي پاسي حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ بيڪ چئنل ڳالهيون به هلندڙ آهن،عمران خان پارٽي اڳواڻن کي حڪومت سان مشروط ڳالهين جي اجازت ڏني آهي،فائنل ڳالهيون اسٽيبلشمينٽ سان ئي ٿينديون،وقت کان اڳ اليڪشن تي اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي،علي امين گنڊاپور ايپڪس ڪميٽي اجلاس ۾ عمران خان جو اشو اٿاريو آهي پر ذريعن ان جا تفصيل فراهم نه ڪيا،ڪي پي جي وڏي وزير حڪومت آڏو پلان رکي ڇڏيو،حڪومت 24 نومبر جو احتجاج ملتوي ڪرڻ جو شرط رکي ڇڏيو،ان لاءِ گنڊاپور نيم رضامند آهي،ٻئي پاسي پي ٽي آءِ پنجاب جي قيادت پشتون قيادت تي ڪاوڙيل آهي،پارٽي اجلاس ۾ حماد اظهر ۽ ميان اسلم اقبال کي آن لائن اجلاس ۾ ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني وئي، اڳواڻ اهو ٻڌائڻ پئي چاهيو ته پنجاب ۾ ٽرانسپورٽر کين احتجاج لاءِ گاڏيون ڏيڻ لاءِ تيار ناهن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 20 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.