دنيا جي مڙني ملڪن جا شهري اڄڪلهه مائيڪرو بلاگنگ پليٽ فارم ” ٽوئيٽر “ سان ملندڙ جلندڙ هڪ ٻئي سوشل نيٽ ورڪ ” بليو اسڪاءِ “ تي پنهنجو اڪائونٽ ٺاهي رهيا آهن.
نومبر جي شروعات ۾ آمريڪا ۾ صدارتي چونڊون ٿيون، ان دوران ئي بليو اسڪاءِ کي به تمام گهڻي موٽ ملي ۽ پليٽ فارم جي واهپيدارن جي انگ ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿيڻ لڳو.
بليو اسڪاءِ موجب، سومر تائين پليٽ فارم جي واهپيدارن جو انگ هڪ ڪروڙ نوي لک کان ٽپي ويو آهي.
تازن انگن اکرن موجب، هڪ ڏينهن دوران ڏهه لک کان وڌيڪ ماڻهن بليو اسڪاءِ تي پنهنجو اڪائونٽ کوليو آهي.
بليو اسڪاءِ جيتوڻيڪ پنهنجي مخالفن ميٽا جي ” ٿريڊز “ ۽ ايلون مسڪ جي ” ايڪس “ جي ڀيٽ ۾ هڪ ننڍڙو پليٽ فارم آهي، پر رپورٽ موجب، پنج نومبر جي آمريڪي صدارتي چونڊن کانپوءِ بليو اسڪاءِ جي واهپيدارن ۾ 55 لک کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ۾ ڪيئي مهينن کان ايڪس تي پابندي مڙهيل آهي.
مختلف ملڪن ۾ ماڻهو بليو اسڪاءِ ايپليڪيشن کي ڊائون لوڊ يا ان جي ويب سائيٽ وزٽ ڪري رهيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، آمريڪا ۾ ايپل اسٽور تي فري ايپس ۾ بليو اسڪاءِ پهرئين نمبر تي موجود آهي ۽ ان چيٽ جي پي ٽي ۽ ميٽا جي ٿريڊز پليٽ فارم کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.
في الحال اِهو واضح ناهي ته ڪيترا واهپيدار ايڪس کي الوداع چئي بليو اسڪاءِ کي جوائن ڪيو آهي، پر گهڻي قدر واهپيدارن پنهنجي پهرين پوسٽ ۾ چونڊ جو ذڪر ڪيو آهي.
بليو اسڪاءِ ڇاهي؟
بليو اسڪاءِ کي سال 2019ع ۾ تنهن وقت جي ٽوئيٽر ( موجود ايڪس ) جي سِي ايِ او ۽ شريڪ باني جيڪ ڊورسي تخليق ڪيو هو، ان کانپوءِ 2021ع ۾ بليو اسڪاءِ کي الڳ ڪمپني طور متعارف ڪرايو ويو ۽ جي گروبر کي ان جو سي اي او بڻايو ويو.
شروعاتي طور بليو اسڪاءِ رڳو ” انويٽيشن آنلي “ پليٽ فارم هو، يعني رڳو اُهي واهپيدار ان تي سائن اپ ڪندا هئا جن وٽ ان جو انوائيٽ هوندو هو.
پر فيبروري 2024ع ۾ بليو اسڪاءِ کي انويٽيشن آنلي بدران پبلڪ پليٽ فارم ۾ تبديل ڪيو ويو.
بليو اسڪاءِ تي ويجهڙ ۾ آمريڪي، برطانوي ۽ ڪينيڊين شهرين پنهنجا اڪائونٽ ٺاهيا آهن.
ڪيئي مشهور شخصيتون، ڪجهه ميڊيا ادارا، صحافي ۽ ٻين بليو اسڪاءِ جو رخ ڪيو آهي جڏهن ته ڪجهه ” ايڪس “ جي ڪانٽينٽ ۽ تبديلين جي خدشن کي نظر ۾ رکندي اِهو پليٽ فارم ڇڏڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن.
سرمائيدار ايلون مسڪ آڪٽوبر 2022ع ۾ 44 ارب ڊالرز جي عيوض سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽوئيٽر خريد ڪيو هو، ان سموري عمل ۾ بليو اسڪاءِ شامل نه هو.
ان کانپوءِ جولاءِ 2023ع ۾ مسڪ ٽوئيٽر جو نالو بدلائي ” ايڪس “ رکي ڇڏيو هو.
نالي جي تبديلي سان گڏ ٻيون به کوڙ ساريون تبديليون ڪيون ويون، جنهن ۾ ملازمن جي برطرفي، اڪائونٽ ويريفڪيشن يعني ” بليو چيڪ “ لاءِ فيس جي اوڳاڙي، پهريان کان معطل اڪائونٽس جي بحالي ۽ نئون سبسڪرپشن پروگرام پڻ شامل هو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، اهڙين پاليسين جو ذڪر ڪندي ڪجهه ايڪس واهپيدار هاڻي بليو اسڪاءِ جو رخ ڪري رهيا آهن، اِهو پهريون ڀيرو ناهي جو بليو اسٽيڪ جي واهپيدارن جي انگ ۾ اوچتو واڌارو ٿيو آهي.
ڪمپني موجب، هلندڙ سال آگسٽ ۾ برازيل طرفان ” ايڪس “ تي پابندي کانپوءِ هڪ هفتي اندر بليو اسڪاءِ واهپيدارن جي انگ ۾ 26 لک اضافو رڪارڊ ڪيو ويو هو، جيتوڻيڪ بليو اسڪاءِ ايڪس جي ڀيٽ ۾ هڪ ننڍڙو پليٽ فارم آهي، پر ڪجهه ماڻهو ان کي هڪ متبادل طور ڏسي رهيا آهن.
بليو اسڪاءِ ايلون مسڪ جي ايڪس پليٽ فارم سان ملندڙ جلندڙ آهي.
ان جو لي آئوٽ به ايڪس سان هڪ جهڙائي رکي ٿو، ان تي واهپيدار ” ڊسڪور“ فيڊ ۽ جن اڪائونٽس کي فالو ڪن ٿا ان جي ترتيبوار فيڊ حاصل ڪري سگهن ٿا.
اهڙي ريت واهپيدار ڊائريڪٽ پيغام اُماڻي ۽ پوسٽ کي پن ڪري ڪري سگهن ٿا.
ويب سائيٽ ۽ آن لائين پليٽ فارمز جو تجزيو ڪندڙ هڪ فرم سميلر ويب موجب، هلندڙ مهيني هڪ لک 15 هزار کان وڌيڪ واهپيدارن پنهنجا ايڪس اڪائونٽ غير فعال ڪيا آهن جيڪو ايلون مسڪ طرفان پليٽ فارم خريدڻ کانپوءِ سڀ کان وڏو انگ آهي.
فوربز جي رپورٽ موجب، هلندڙ سال اپريل تائين سڄي دنيا ۾ ايڪس واهپيدارن جو انگ 61 ڪروڙ 10 لک هو جيڪو سپٽيمبر ۾ گهٽجي 58 ڪروڙ 80 لک ٿي ويو آهي.
ايڪس پليٽ فارم کي الوداع چوندڙ واهپيدارن جو گهڻو انگ آمريڪا ۽ برطانيا سان تعلق رکي ٿو ۽ آگسٽ ۾ سامهون آيل يوگوو سروي موجب، روزاني بنيادن تي ايڪس استعمال ڪندڙ 42 سيڪڙو واهپيدار پليٽ فارم بابت منفي راءِ رکن ٿا.
You might also like